Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 6:29 - Muslim Sindhi Bible

29 منهنجي قوم اهڙي شيهي مثل آهي، جنهن کي جيترو بہ تيز ڌوڻي هڻي ڳاريو وڃي، تہ بہ انهيءَ مان مير نہ نڪرندي، ڇاڪاڻ تہ اها قوم بڇڙن ماڻهن کان پاڪ نہ ٿي ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

29 ڌوڻي تمام زور سان پئي ٻري، شيهو باهہ جي ڪري سڙي ويو آهي: هو اجايو انهي کي پگهاري صاف ٿا ڪن؛ ڇالاءِ جو شرير پٽجي نہ ويا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 6:29
12 Iomraidhean Croise  

سون ۽ چانديءَ کي تہ باهہ جي وسيلي پرکجي ٿو، مگر انساني دلين کي پرکڻ وارو خداوند ئي آهي.


پر تڏهن بہ مون دل ۾ چيو تہ ”منهنجي محنت جو تہ ڪو فائدو نہ ٿيو، مون پنهنجي طاقت اجائي ۽ ناحق وڃائي آهي.“ انهيءَ هوندي بہ مون کي يقين آهي تہ خداوند منهنجو انصاف ڪندو، ۽ منهنجو خدا مون کي اجر ڏيندو.


تنهن تي خداوند ورندي ڏني تہ ”جيڪڏهن تون توبهہ ڪندين تہ آءٌ بہ تو کي وري بحال ڪندس، تہ جيئن تون ٻيهر منهنجو پيغام ٻڌائي سگھين. جيڪڏهن تون بيڪار ڳالهيون ڪرڻ ڇڏي ڪارائتيون ڳالهيون ڪندين، تہ آءٌ تو کي وري پنهنجو نبي بڻائيندس. تون يهوداہ جي ماڻهن جي ڳالهين کان دور رهہ، اٽلندو هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين کي قبول ڪري وٺندا،


سو قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم کي ڌاتوءَ وانگر پگھاريندس، هائو، آءٌ پنهنجي بڇڙي قوم کي سيکت ڏيندس، انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ رستو ڪونهي.


انهيءَ سبب جو ڪنهن ٻئي طريقي سان ان جي بدڪاريءَ واري گندگي سخت باهہ کان سواءِ ختم ٿي نہ ٿي سگھي، تنهنڪري اهو ديگڙو سخت باهہ تي رکيو ويو.


اي يروشلم وارؤ! ديڳڙي جي اها گندگي اوهان جي گھڻي زناڪاري ۽ بدڪاري آهي. مون اوهان کي پاڪ صاف ڪرڻ چاهيو، تہ بہ اوهين پاڪ صاف نہ ٿيا. هاڻي اوهين ڪڏهن بہ پنهنجي گندگيءَ کان صاف نہ ٿيندا، جيستائين آءٌ پنهنجو قهر اوهان تي پوريءَ طرح نازل نہ ڪريان.


منهنجي قوم مون کي ڇڏي ڏيڻ لاءِ پنهنجي هوڏ تي قائم آهي. اهي بعل ديوتا کي پڪاريندا آهن، ۽ سندس ئي پوڄا ڪندا آهن.


آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي پاڪ صاف ڪندس، هائو، کين سون ۽ چانديءَ وانگر باهہ ۾ تپائي صاف ڪندس. پوءِ هو منهنجو نالو وٺي پڪاريندا ۽ آءٌ کين ورندي ڏيندس. هو چوندا تہ ’خداوند ئي اسان جو خدا آهي،‘ ۽ آءٌ چوندس تہ ’هيءَ منهنجي قوم آهي.‘“


انهن آزمائشن جو مقصد اهو آهي تہ اوهان جو ايمان خالص ثابت ٿئي. ڏسو، جيئن باهہ سون کي خالص بڻائي ٿي ڇڏي تيئن اوهان جو ايمان بہ آزمايو وڃي ٿو، جڏهن تہ اهو فاني سون کان گھڻو قيمتي آهي. خدا چاهي ٿو تہ اوهين عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت تعريف، شان وَ شوڪت ۽ عزت جي لائق قرار ڏنا وڃو.


اي عزيزؤ! تڪليفن جي باهہ جيڪا اوهان جي آزمائش لاءِ اوهان تي اچي ڀڙڪي آهي، تنهن تي تعجب نہ ڪريو جو ڄڻ تہ ڪا عجيب ڳالهہ اوهان تي اچي پيئي آهي.


سو جڏهن هن اهي سڪا پنهنجي ماءُ کي موٽائي ڏنا، تڏهن ماڻس انهن مان ٻہ سؤ چانديءَ جا سڪا کڻي هڪڙي ڪاريگر کي ڏنا، جنهن انهن چانديءَ جي سڪن مان اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل هڪڙو بت ٺاهيو. اُهو ميڪاہ جي گھر ۾ رکيو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan