Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 6:26 - Muslim Sindhi Bible

26 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! کٿا ڍڪيو، ۽ خاڪ تي ليٿڙيون پايو، زاروزار روئو ۽ رڙو، جيئن ڪنهن سڪيلڌي پٽ لاءِ روئبو آهي، ڇاڪاڻ تہ تباهہ ڪندڙ اوچتو اچي اوهان تي ڪڙڪندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

26 اي منهنجي قوم جي ڌيءَ، تون کٿو چيلهہ سان ٻڌ، ۽ خاڪ ۾ ليٽ: ماتم ڪري زار زار روءُ: جيئن هڪڙي ئي هڪڙي پٽ لاءِ روئبو آهي؛ ڇالاءِ جو ڦرلٽ ڪرڻ وارو اوچتو اسان تي ايندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 6:26
42 Iomraidhean Croise  

۽ پاڻ هلي ويئي. هوءَ انهيءَ جي سامهون سڏ پنڌ تي وڃي ويهي رهي. هن سوچيو تہ ”آءٌ ٻار کي مرندو نہ ڏسان.“ پوءِ هوءَ روئڻ لڳي.


دهشتناڪ آواز هنن جي ڪنن ۾ گونجندا ٿا رهن، سندن سک ۽ سانت جي ڏينهن ۾ ڦُرلٽ ڪرڻ وارا اچي مٿن ڪڙڪندا.


سو ايوب انهيءَ حالت ۾ اُٿي وڃي خاڪ ۾ ويٺو، جتي هڪڙي ٺڪريءَ سان پاڻ کي پيو کرڙيندو هو.


انهيءَ وقت خداوند، قادرِمطلق خدا اوهان کي روئڻ رڙڻ، ۽ سوڳ طور مٿي جا وار ڪوڙائڻ ۽ کٿو ڍڪڻ جو حڪم ڏنو.


اهو سڀ ڏسي مون چيو تہ ”آہ! مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيو، تان‌تہ آءٌ پنهنجي قوم جي برباديءَ تي زاروزار روئان رڙان. اوهين مون کي ڪا تسلي ڏيڻ جي ڪوشش نہ ڪريو.“


انهن عورتن لاءِ خوشبوءِ جي بدران بدبوءِ هوندي، ڪمربند جي بجاءِ رسو هوندن، سينگاريل وارن جي بدران گنجو مٿو هوندن، عمدين پوشاڪن جي بجاءِ کٿو هوندن، ۽ سونهن جي بجاءِ منهن تي داغ هوندن.


تنهنڪري اوهان جي اها بڇڙائي اوهان جي قوم لاءِ اهڙي ثابت ٿيندي، جيئن ڪنهن وڏي ڀت ۾ ڏار پئجي وڃي، ۽ اها پاسي تي لڙي وڃي، ۽ پوءِ اها اوچتو ئي اوچتو هڪ لحظي ۾ ڪري ناس ٿي پوي.


سو اي آرام طلب عورتون! اوهين خوف وچان ڏڪو. اي لاپرواهہ عورتون! اوهين ڊپ وچان ڪنبڻ لڳو. هائو، اوهين پنهنجي بدن جا ڪپڙا ڦاڙي ڦٽا ڪريو، ۽ سوڳ ڪندي کٿا ڍڪيو.


تباهي مچائڻ وارا حملي ڪرڻ لاءِ بيابان ۾ کُليل ٽڪرين تي اچي پهتا آهن. اهي مون خداوند جي موتمار تلوار بڻجي هڪڙيءَ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏيندا، ۽ ملڪ ۾ ڪوبہ سلامت نہ رهندو.


پر جيڪڏهن اوهين نہ ٻڌندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان جي مغروريءَ جي ڪري لڪي لڪي روئندس. هائو، ان وقت منهنجيون اکيون زار وَ قطار روئنديون ۽ ڳوڙها ڳاڙينديون، جڏهن خداوند جي پياري قوم قيد ڪئي ويندي.


خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ آءٌ يهوداہ وارن بابت پنهنجي ڏک جو اظهار ڪريان تہ ”منهنجيون اکيون رات ڏينهن لڳاتار ڳوڙها ٿيون ڳاڙين، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم، جيڪا خداوند جي ڪنواري ڌيءَ مثل آهي، تنهن کي هڪ وڏو زخم، هڪ وڏي چوٽ رسي آهي.


اوهان جي ملڪ ۾ رنن‌زالن جو تعداد سامونڊي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن کان بہ گھڻو ٿي ويندو. آءٌ اوهان جا جوان ڦُوهہ جوانيءَ ۾ ئي قتل ڪرائي سندن مائرن تي عذاب آڻيندس. هائو، آءٌ اوچتو انهن تي مصيبت ۽ دهشت آڻيندس.


مٿن اوچتو ڪو لشڪر آڻي ڪڙڪاءِ، تہ سندن گھرن مان دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌڻ ۾ اچن، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڦاسائڻ لاءِ هڪ کڏ کوٽي آهي، ۽ منهنجي راهن ۾ ڪوڙڪي اڏائي اٿن.


”ڊپ جو آواز ٻڌجي پيو، يعني دهشت جو، نہ امن وَ سلامتيءَ جو.


انهيءَ وقت هن قوم ۽ يروشلم کي خداوند جو هي پيغام ٻڌايو ويندو تہ ”بيابان مان وارياسن دڙن کان منهنجي قوم ڏانهن تباهيءَ جو واءُ گھُلندو، جيڪو نہ تہ وائر ڪرڻ لاءِ هوندو ۽ نہ صفائيءَ لاءِ،


مصيبت پٺيان مصيبت ٿي اچي، ۽ سڄو ملڪ ويران ٿي ويو آهي. اوچتو ئي اوچتو اسان جا گھر، اسان جا جھُڳا، هڪ پل ۾ ڀورا ڀورا ٿي ويا آهن.


انهيءَ ڪري اوهين کٿو چيلهہ سان ٻڌو، روئو رڙو ۽ واءِ‌ويلا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ اسان يهوداہ وارن تان ٽري ناهي.


منهنجي قوم جا ڦٽ بہ هنن کي معمولي رهڙون نظر اچن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو هو ’خير آهي، خير آهي،‘ چوندا وتن ٿا، جڏهن تہ ڪوبہ خير ڪونهي.


ٻڌو، منهنجي قوم جي دانهن جو آواز پوري ملڪ ۾ گونجي ٿو تہ ”ڇا خداوند صيئون مان هليو ويو آهي؟ ڇا هاڻي هو صيئون جو بادشاهہ ناهي رهيو؟“ خداوند ورندي ٿو ڏئي تہ ”مون اوهان کي ان ڪري ڇڏي ڏنو آهي، جو اوهين پنهنجين اُڪريل مورتين ۽ ڌارين بيڪار بتن کي پوڄي مون کي چڙ ٿا ڏياريو.“


منهنجي قوم کي ايذاءُ رسيو آهي، ڄڻ تہ آءٌ ايذايو ويو آهيان. آءٌ ڏکويل ٿي پيو آهيان ۽ منهنجي دل ٽٽي پيئي آهي.


ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.


مون يرمياہ چيو تہ ”آءٌ جبلن جي ويرانيءَ تي روئندس رڙندس، ۽ چراگاهن جي برباديءَ تي مرثيہ چوندس. ڪوئي اتان گذري بہ ڪين ٿو، ۽ نہ اتي ڍورن جي ڍِڪَڻ جو آواز ٻڌجي ٿو، ڇاڪاڻ تہ پکي توڙي جانور سڀ اتان هليا ويا آهن.“


اهو ئي سبب آهي جو آءٌ روئان رڙان پيئي ۽ منهنجي اکين مان ڳوڙها بس ئي نہ ٿا ڪن. ڪوبہ اهڙو ڪونهي جيڪو مون کي دلاسو ڏئي، نڪي وري ڪو همتائڻ وارو ئي آهي. دشمنن مون تي فتح حاصل ڪري منهنجي رهاڪن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي.


اها هر رات زاروزار روئي ٿي، ۽ سندس ڳلن تان ڳوڙها وهندا ٿا رهن. هن جي ناجائز چاهڻ وارن مان ڪوبہ ناهي، جيڪو کيس دلاسو ڏئي. سندس سڀني دوستن ساڻس دغا ڪئي آهي، ۽ سندس دشمن ٿي پيا آهن.


آہ! پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن جي ناس ٿيڻ ڪري، ڏک وچان آءٌ دل هاري ويٺو آهيان! منهنجيون اکيون لڙڪ وهائي وهائي ساڻيون ٿي پيون آهن، ۽ منهنجا آنڊا وٽ پيا کائين. منهنجي قوم جا ٻار ۽ کير پياڪ شهر جي گھٽين ۾ بي‌هوش پيا آهن.


خدا مون کي خاڪ ۾ ليٿڙايو آهي، بلڪ پٿريلي زمين تي منهن ڀر اڇلائي ڇڏيو اٿس جنهن ڪري منهنجا ڏند ڀڄي پيا آهن.


آءٌ وڌيڪ ٻاڏائيندي چوان ٿو تہ اي خداوند! منهنجي اکين مان پاڻيءَ جون نديون ٿيون وهن، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم وارا تباهہ وَ برباد ٿي رهيا آهن.


منهنجي قوم تي آيل مصيبت ماڻهن ۾ اهڙي تہ وحشت وجھي ڇڏي، جو مامتا رکندڙ عورتن بہ پنهنجي ٻارڙن کي پنهنجن هٿن سان اوٻاري خوراڪ ٿي بڻايو.


بگھڙ جهڙو جانور بہ پنهنجي ٻچن کي ڇاتيءَ سان لائي پنهنجو کير پيئاري ٿو، پر منهنجي قوم جي ماڻهن کي بياباني شتر مرغ وانگر پنهنجي ٻارڙن تي بہ رحم ڪونہ ٿو اچي.


منهنجي قوم وارن کي سندن گناهن جي سزا سدوم وارن جي سزا کان بہ وڌيڪ ڏني ويئي آهي. انهن جي شهر کي تہ هڪ پل ۾ ئي اونڌو ڪيو ويو هو، ۽ ڪو انساني دشمن انهيءَ تي چڙهائي ڪري نہ آيو هو.


آءٌ اوهان جي عيدن کي ڦيرائي ماتم، ۽ سڀني راڳن کي ڦيرائي مرثيا ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان سڀني کي کٿا ڍڪرائيندس، ۽ اوهان جا مٿا ڪوڙائيندس. آءٌ اوهان ۾ اهڙو تہ ماتم وجھندس، جهڙو سڪيلڌي پٽ جي مرڻ تي ٿيندو آهي، اهو ماتم پڇاڙي تائين تمام سخت هوندو.


نينواہ جي بادشاهہ بہ جڏهن انهيءَ اعلان بابت ٻڌو تہ هو پنهنجي تخت تان اُٿي کڙو ٿيو. هن پنهنجي شاهي پوشاڪ لاهي کٿو ڍڪيو ۽ خاڪ تي ويهي رهيو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.


جڏهن شهر جي دروازي جي ويجھو پهتو تہ ڏٺائين تہ ماڻهو هڪڙي مُڙدي کي ٻاهر کنيو پئي ويا. اهو پنهنجي ماءُ جو اڪيلو پٽ هو، جيڪا رن‌زال هئي. شهر جا ڪيترائي ماڻهو ان سان گڏ هئا.


افسوس ڪريو، ماتم ڪريو ۽ روئو. اوهين پنهنجو کِلڻ روئڻ پٽڻ ۾ بدلايو ۽ خوشي اداسيءَ ۾.


هاڻ اي دولتمندؤ! اوهين ٻڌو، انهن مصيبتن جي ڪري روئو ۽ رڙو، جيڪي اوهان تي اچڻيون آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan