يرمياہ 6:23 - Muslim Sindhi Bible23 اهي تيرڪمانن ۽ تلوارن سان مسلح آهن. اهي ظالم آهن ۽ منجھن ڪوبہ رحم ڪونهي. جڏهن هو گھوڙن تي سوار ٿي اوهان سان وڙهڻ لاءِ اچن ٿا، تڏهن سندن لشڪر جو آواز ائين ٿو لڳي، جيئن سمنڊ گجگوڙ ڪندو هجي. اي يروشلم! اهي جنگي جوڌا تو سان جنگ ڪرڻ لاءِ هٿيار ٻڌي اچن پيا.“ Faic an caibideilSindhi Bible23 هو ڪمان ۽ نيزو کڻن ٿا؛ هو ظالم آهن ۽ ڪوبہ رحم نہ اٿن؛ هنن جو آواز سمنڊ وانگي گجي ٿو، ۽ هو گهوڙن تي چڙهن ٿا؛ اي صيون جي ڌيءَ، سڀيئي صف ٻڌي تو سان جنگ جي لاءِ تيار ٿيا آهن. Faic an caibideil |
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.