Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 6:20 - Muslim Sindhi Bible

20 مون کي ان لوبان جي ڪهڙي پرواهہ آهي جيڪو شبا ملڪ مان ٿو آندو وڃي، ۽ انهن مصالحن جي ڪهڙي پرواهہ اٿم، جيڪي منهنجي لاءِ ڏورانهن ملڪن مان آندا ٿا وڃن؟ هنن جا ساڙڻ وارا نذرانا قابلِ قبول ناهن، نہ ئي وري سندن جانورن جون قربانيون مون کي وڻن ٿيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

20 سبا مان لوبان، ۽ پرانهين ملڪ مان اگر، منهنجي خاطر ڪهڙي ڪم جي لاءِ ٿو اچي؟ اوهان جون سوختني قربانيون قبول پوڻ جهڙيون نہ آهن، نڪي اوهان جون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون مون کي وڻن ٿيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 6:20
24 Iomraidhean Croise  

جڏهن ابي‌سلوم قربانيون ادا پئي ڪيون تڏهن هن دائود جي صلاحڪار اخيتفل جِلونيءَ کي سندس شهر جِلوہ مان گھرائي ورتو. سازش وڌندي ويئي ۽ ابي‌سلوم جي پوئلڳن جو تعداد جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو.


پوءِ راڻيءَ بادشاهہ سليمان کي چار هزار ڪلوگرام کان وڌيڪ سون، مصالحن جو وڏو مقدار ۽ قيمتي هيرا جواهر ڏنا. اهي مصالحا جيڪي شبا ملڪ جي راڻيءَ بادشاهہ سليمان کي ڏنا تنهن جيترو گھڻو مقدار کيس وري ڪڏهن ڪٿان بہ ڪونہ مليو.


تون قرباني يا نذرانو ڪونہ ٿو چاهين، نڪي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني يا ساڙڻ واري قرباني ئي تو گھري آهي. بلڪ تو منهنجا ڪن کولي ڇڏيا آهن، تان‌تہ تنهنجي ٻڌي آءٌ فرمانبرداري ڪريان.


اوهين خدا کي هيئن چئو تہ ”تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ هيبتناڪ آهن، تنهنجي عظيم قدرت جي ڪري دشمن بہ اچي تنهنجي پيش ٿا پون.


”عبادت‌گاهہ جي ماپي مطابق عمدا خوشبودار مصالحا، يعني خالص مُرَ جا پنج ڪلوگرام، انهيءَ جي اڌ جيتري يعني اڍائي ڪلوگرام خوشبودار دالچيني ۽ اڍائي ڪلوگرام خوشبودار اگر،


سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.


خداوند بدڪارن جي قربانين کان نفرت ٿو ڪري، خاص طور جڏهن اهي بدنيتيءَ سان پيش ڪيون وڃن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهان جون هيتريون ساريون قربانيون منهنجي ڪنهن ڪم جون نہ آهن. هائو، آءٌ گھٽن جي ساڙڻ وارين قربانين کان، توڙي پليل ڍورن ڍڳن جي سڻڀي مال کان بيزار آهيان. مون کي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي رت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.


اٺن جي قافلن سان تنهنجي ڌرتي ڀرجي ويندي. هائو، عيفاہ قبيلي وارن، بلڪ سڀني مديانين وٽان گھڻا ئي ڪنواٽ تو وٽ ايندا. شبا ملڪ مان بہ قافلا ايندا، جيڪي پاڻ سان سون ۽ لوبان کڻي ايندا. جڏهن اهي سڀ ايندا تہ خداوند جي ڪمن جي واکاڻ بيان ڪندا.


سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جا رستا اختيار ڪندي پنهنجي دل کي ڪراهت وارين شين سان بيحد خوش ٿا رکن. هڪڙي پاسي اهي ڍڳي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري انسانن جو قتل ٿا ڪن. هڪڙي پاسي اهي گھيٽي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري پوڄا ۾ ڪتن جون سسيون ٿا مروڙين. هڪڙي پاسي اهي اناج جي قرباني تہ پيش ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري سوئر جو رت ٿا پيش ڪن. هڪڙي پاسي اهي منهنجي نالي لوبان تہ ساڙين ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري ڪنهن بت جي پوڄا ٿا ڪن.


پر آءٌ خداوند هن قوم بابت چوان ٿو تہ هنن کي منهنجي راهہ کان ڀٽڪڻ تمام گھڻو پسند آيو آهي، هنن پنهنجن پيرن کي رُلڻ کان نہ روڪيو آهي. تنهنڪري آءٌ خداوند هنن کي قبول نہ ٿو ڪريان. هاڻ آءٌ هنن جي بدڪارين کي ياد ڪري کين ڪيل گناهن جي سزا ڏيندس.“


جيتوڻيڪ هو روزا رکندا تہ بہ آءٌ سندن دانهن نہ ٻڌندس. توڙي جو هو ساڙڻ واريون قربانيون ۽ اناج جون قربانيون پيش ڪندا تہ بہ آءٌ اهي کانئن قبول نہ ڪندس. اٽلندو آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان کين ناس ڪري ڇڏيندس.“


سو هاڻ اي بني اسرائيل! جيڪڏهن منهنجي ٻڌڻ نہ ٿا چاهيو تہ پوءِ ڀلي وڃو ۽ وڃي پنهنجن بتن جي پوڄا ڪندي سندن آڏو نذرانا پيش ڪريو جنهن ڪم ڪرڻ ڪري منهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي ٿي ٿئي. پر آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ اوهان کي انهيءَ ڪم کان آءٌ جلد باز آڻيندس.


شبا ملڪ ۽ رعماہ علائقي جا واپاري هر قسم جون عمديون خوشبودار شيون، مختلف قسمن جا قيمتي پٿر، ۽ سون ڏيئي تنهنجو مال خريد ڪندا هئا.


اهي منهنجي لاءِ قربانيون پيش ڪري انهن جو گوشت کائين ٿا، پر آءٌ خداوند اهڙيون قربانيون قبول ئي نہ ٿو ڪريان. هاڻي آءٌ سندن بدڪاريءَ جي ڪري، کين ڪيل گناهن جي سزا ڏيندس. هائو، آءٌ کين وري مصر ڏانهن موٽائيندس.


اوهين ڌارين ملڪن ۾ هئڻ ڪري خداوند کي راضي ڪرڻ لاءِ خداوند جي هيڪل ۾ قربانيون پيش ڪري نہ سگھندا. هائو، اوهين مئي جون قربانيون نہ اوتي سگھندا، نڪي وري جانورن جون قربانيون پيش ڪري سگھندا. اتي پيش ڪيل اوهان جون سڀيئي قربانيون پليت هونديون، جيئن اهو کاڌو پليت ٿي پوندو آهي، جنهن کاڌي کي ميت کي غسل ڏيڻ واري ڇهيو هجي. جيڪي بہ اهي قربانيون کائيندا سي سڀيئي پليت ٿي پوندا، اهو کاڌو رڳو اوهان جي پيٽ ڀرڻ لاءِ هوندو.


جيڪر اوهان منجھہ ڪو اهڙو هجي جيڪو منهنجي عبادت‌گاهہ جا دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ جيئن اوهين منهنجي قربان‌گاهہ تي اهڙي اجائي نموني قربانيون نہ ساڙي سگھو. آءٌ اوهان مان راضي نہ آهيان، نہ ئي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانا قبول ڪندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan