Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 6:2 - Muslim Sindhi Bible

2 صيئون جي خوبصورت ۽ نازنين بستي يروشلم جيڪا هڪ چراگاهہ مثل آهي، سا ناس ٿي ويندي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 آءٌ صيون جي ڌيءَ کي وڍي ڇڏيندس، جا خوبصورت نازنين آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 6:2
7 Iomraidhean Croise  

رڳو يروشلم شهر ئي باقي وڃي بچيو آهي، جيڪو دشمنن جي گھيري هيٺ آيل لاچار شهر جيان آهي، جيئن انگورن جي باغ ۾ ڪا جھوپڙي، يا جيئن ونگن جي واڙيءَ ۾ ڪا جھُڳي هجي.


آءٌ هڪڙو آواز ٻڌان ٿو، جيڪو ڄڻ تہ ڪنهن ويم جي سورن واري عورت جو آهي، هڪ اهڙي عورت جو آواز، جيڪا ڄڻ تہ پهريون ٻار ڄڻيندي هجي. اهو آواز يروشلم جي وسنديءَ جو آهي جيڪا سهڪي ٿي پيئي، ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ ”هاءِ! آءٌ تہ برباد ٿي ويس! خوني منهنجو خون ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.“


آہ! پروردگار پنهنجي غضب وچان، پياري صيئون کان ڪيڏي نہ سخت نفرت ٿو ڪري. جيتوڻيڪ اهو بني اسرائيل جي عظمت، ۽ پروردگار جي پنهنجي آرام جي جاءِ هو، تنهن هوندي بہ ڌڻيءَ انهيءَ جي شان وَ شوڪت کي پنهنجي غضب وچان آسمان کان زمين تي اڇلائي ڇڏيو.


اي منهنجا پيارا صيئون! اي منهنجا شهر يروشلم! آءٌ تنهنجي تباهيءَ جو ڪهڙو مثال ڏيان؟ آءٌ ڪهڙي واقعي سان ڀيٽ ڪري تو کي دلاسو ڏيان؟ تو جهڙيون تڪليفون تہ ڪڏهن بہ ڪنهن ڪونہ سٺيون هونديون. سمنڊ جيان تنهنجي مصيبت جي بہ ڪا حد ئي ڪانهي. آہ! تنهنجو بچاءُ ڪهڙيءَ بہ طرح ٿي نہ ٿو سگھي!


جيڪي ڪڏهن عمدا طعام کائيندا هئا، سي هاڻي گھٽين ۾ بک پيا مرندا وتن. جيڪي عمدين پوشاڪن ۾ پلجي وڏا ٿيا، سي هاڻي گند جي ڍيرن مان ٽڪر ڳڀو پيا ڳولين.


جيڪا عورت اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندي، جا نرميءَ ۽ نزاڪت جي ڪري پنهنجي پير جي تري بہ پٽ تي رکڻ جي همت نہ ڪندي هوندي، تنهن جي بہ پنهنجي پياري مڙس، پٽ ۽ ڌيءَ ڏانهن نيت خراب ٿيندي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan