Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 6:19 - Muslim Sindhi Bible

19 اي دنيا وارؤ! ٻڌو، آءٌ هن قوم تي مصيبت آڻڻ وارو آهيان، جيڪا سندن تدبيرن جو نتيجو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن منهنجيون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، ۽ منهنجي شريعت کي رد ڪري ڇڏيو اٿن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 اي زمين، ٻڌ: ڏس آءٌ هن قوم تي خرابي آڻيندس، يعني سندن خيالن جو نتيجو، ڇالاءِ جو هنن منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، ۽ منهنجي شريعت کي اصل رد ڪري ڇڏيو اٿن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 6:19
37 Iomraidhean Croise  

بدڪار ماڻهن جي خيالن کان خداوند کي نفرت آهي، مگر نيڪ ماڻهن جي چڱين ڳالهين کي هو پسند ٿو ڪري.


جيڪو خدا جي شريعت جي نافرماني ٿو ڪري، تنهن جي دعائن گھرڻ کان خدا نفرت ٿو ڪري.


خداوند فرمايو تہ ”اي زمين وَ آسمان! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو. جنهن قوم کي مون خداوند پنهنجي ٻارن وانگر پالي وڏو ڪيو، سا مون کان باغي ٿي ويئي آهي.


تنهنڪري جهڙيءَ طرح باهہ بُهہ کي ساڙي ڇڏيندي آهي، ۽ جيئن باهہ جو شعلو سڪل گاهہ کي رک ڪري ڇڏيندو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ اهڙي ٻوٽي جيان تباهہ وَ برباد ٿي ويندا، جنهن جي پاڙ ڳري سڙي ويئي هجي، ۽ جنهن جو ٻور دز وانگر اڏامي ويو هجي. جيئن تہ اوهان قادرِمطلق جي شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي فرمان کي ٺڪرايو آهي،


اوهان جا قدم هميشہ برائيءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا. اوهين بي‌گناهہ جو رت وهائڻ ۾ ڪا دير نہ ٿا ڪريو. اوهان جا خيال بدڪاريءَ وارا خيال آهن، ۽ اوهين تباهي ۽ بربادي ڦهلائيندا ٿا وتو.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهن جي ڪمن ۽ خيالن کي ڄاڻان ٿو. سو اهو وقت اچي پهتو آهي، جڏهن آءٌ انهن سڀني قومن ۽ مختلف ٻولين وارن کي آڻي گڏ ڪندس. اهي ايندا ۽ منهنجو جلال ڏسي


تنهنڪري هاڻ، آءٌ خداوند مٿن اهڙي مصيبت آڻيندس، جنهن کان هو بچي نہ سگھندا. توڙي جو هو دانهون ڪري مون کي پڪاريندا تہ بہ آءٌ سندن دانهون نہ ٻڌندس.


اوهان مون کي رد ڪيو آهي. اوهان مون کي پٺي ڏني آهي. سو آءٌ اوهان ۾ پنهنجا هٿ وجھي اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان تي ترس کائي کائي بيزار ٿي پيو آهيان.


آءٌ خداوند ئي دلين کي چڪاسيان ٿو، ۽ دماغن کي پرکيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال چلت ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.“


”ٻڌو، قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڪجھہ وقت اڳ اوهان کي آگاهہ ڪيو هو تہ هو يروشلم جي رهاڪن ۽ آس‌پاس جي ڳوٺن وارن تي آفتون نازل ڪندو. پر اوهان پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا ۽ خداوند جي ڳالهين تي ڌيان نہ ڏنوَ. سو هاڻي خداوند اوهان تي اهي آفتون آڻڻ وارو آهي.“


آءٌ اوهان کي اوهان جي عملن مطابق سزا ڏيندس. آءٌ اوهان جي ديال وارن محلن ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس جو جيڪي ڪجھہ انهن جي آس‌پاس آهي سو سڀ بہ سڙي چٽ ٿي ويندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


سو اي ملڪ! هائو، اي يهوداہ جا ملڪ! تون ٻڌ تہ خداوند ڇا ٿو فرمائي.


ان جو سبب هي آهي جو هنن منهنجي انهن ڳالهين ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي، جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي بار بار کين ٻڌائيندو رهيو آهيان. هنن تہ اهي ڳالهيون ٻڌڻ ئي گوارا نہ ڪيون. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.


اي يروشلم وارؤ! پنهنجين دلين کي بڇڙائيءَ کان پاڪ صاف ڪريو، تہ جيئن اوهان جو بچاءُ ٿئي. ڪيستائين اوهين برا خيال پچائيندا رهندءُ؟


هائو، هو قومن کي آگاهہ ٿا ڪن ۽ يروشلم ۾ هن ڳالهہ جي منادي ٿا ڪن تہ ”ڏورانهين ملڪ مان هڪ گھيرو ڪندڙ لشڪر يهوداہ جي شهرن خلاف جنگي نعرا هڻندو اچي ٿو.“


اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارؤ! اوهين مون خداوند سان پنهنجو ٻڌل عهد قائم رکو، ۽ پنهنجي دلين تان ڪٽ لاهي اڇلائي ڇڏيو. جيڪڏهن ائين نہ ڪندءُ، تہ پوءِ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪو کائي اٿندي، ۽ اها اهڙي تہ ڀڙڪي اٿندي جو ڪوبہ ان کي وسائي نہ سگھندو.“


آءٌ عيلام وارن تي سندن جاني دشمنن ۽ مخالفن جي روبرو خوف نازل ڪندس. آءٌ پنهنجي شديد غضب وچان مٿن مصيبت آڻيندس. آءٌ سندن پٺيان جنگ لڳائي ڇڏيندس، جيستائين کين فنا نہ ڪري ڇڏيان.


مون کيس وراڻيو تہ ”آءٌ جو ساڻن ڳالهايان تہ منهنجي ڪير ٻڌندو؟ آءٌ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان؟ هنن جي ڪنن ۾ ٻجا پيل آهن سو هو ڪونہ ٿا ٻڌن. تو خداوند جي فرمان کان هنن کي چڙ آهي. هنن کي انهيءَ ۾ ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.


تنهنڪري اي قومون! ٻڌو، اي شاهدؤ! ڏسو، تہ هن قوم سان ڇا ٿيڻ وارو آهي.


تہ پوءِ اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ڦري وڃڻ بعد مون ڏانهن موٽي ڇونہ آيا آهيو؟ اوهين بتن کي چنبڙي پيا آهيو ۽ وري مون آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿا ٿيو.


سو داناءَ شرمندا ڪيا ويندا. اهي نراس ڪيا ويندا ۽ پنهنجي دام ۾ پاڻ ڦاسندا. جيئن تہ هنن مون خداوند جي فرمان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، تہ پوءِ وٽن ڪهڙي دانائي باقي بچي آهي؟


هائو، اسان سڄي بني اسرائيل وارن تنهنجي شريعت جي حد ڀڳي آهي ۽ تنهنجي فرمانبرداريءَ جو انڪار ڪندي ڦري ٻئي پاسي ٿيا آهيون. تنهنڪري تنهنجي اها قسم واري لعنت اسان تي اچي پيئي آهي، جيڪا تنهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


پر اوهان بدڪاري پوکي ۽ ناانصافي لڻي اٿوَ، اوهان ڪوڙ جي ميوي سان پنهنجو پيٽ ڀريو آهي. اوهان پنهنجي گھوڙي گاڏين، ۽ بهادرن جي گھڻائيءَ تي ڀروسو رکيو.


۽ منهنجي قوم مون بابت ڄاڻ نہ رکڻ ڪري تباهہ وَ برباد ٿي ويندي. جيئن تہ اوهان ڪاهنن مون بابت ڄاڻ ڏيڻ کي ڄاڻي‌واڻي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي وساري ڇڏيندس، هاڻي اوهين منهنجا ڪاهن نہ رهندا. هائو، جيئن تہ اوهان مون پنهنجي خدا جي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي، سو آءٌ بہ اوهان جي اولاد کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندس.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”يهوداہ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند جي شريعت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي حڪمن تي عمل نہ ڪيو اٿائون. انهن ڪوڙن معبودن کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، جن جي سندن ابن ڏاڏن پوڄا ڪئي هئي.


اي سموريون قومون! ٻڌو، هائو، اي ڌرتيءَ جا رهاڪؤ! اوهين سڀ ٻڌو. خداوند خدا اوهان جا گناهہ ظاهر ڪندي اوهان جي خلاف فيصلو ڏيڻ وارو آهي. ٻڌو، هو پنهنجي عرش عظيم مان ڳالهائي رهيو آهي.


اي دنيا جا بنياد جبلؤ! اچو ۽ ڪن ڏيئي ٻڌو، ڇو تہ بني اسرائيل جي خلاف خداوند مقدمو داخل ڪري ٿو. هائو، هو کين ڏوهي قرار ٿو ڏئي.


جيڪو مون کي ۽ منهنجي ڳالهين کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي گنهگار قرار ڏيڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني منهنجو پيغام، جيڪو آخرت جي ڏينهن هن کي گنهگار قرار ڏيندو.


تنهنڪري پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ تي توبهہ ڪر ۽ خداوند کان دعا گھر تہ شل تو کي تنهنجي دل جي انهيءَ بڇڙي خيال جي معافي ملي.


آءٌ اڄوڪي ڏينهن زمين ۽ آسمان کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان تہ مون زندگي ۽ موت، برڪت ۽ لعنت ٻئي اوهان جي اڳيان رکيا آهن. تنهنڪري اوهين زندگيءَ جي چونڊ ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ۽ اوهان جو اولاد جيئرو رهي،


”اي زمين ۽ آسمانؤ! ڪن ڏيو جو آءٌ ڳالهايان ٿو، اوهين ڌيان سان منهنجي ڳالهہ ٻڌو.


تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن زمين ۽ آسمان کي اوهان تي شاهد ڪري چوان ٿو تہ جنهن ملڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو تنهن ۾ اوهين جلد ئي تباهہ ڪيا ويندا. اوهين اتي گھڻا ڏينهن رهي ڪين سگھندا، بلڪ پوريءَ طرح برباد ٿي ويندا.


بغاوت ۽ جادوگريءَ جو گناهہ هڪجهڙو ئي آهي، سرڪشي بتن جي پوڄا ڪرڻ برابر آهي. سو جيئن تہ تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو آهي، تنهنڪري هن بہ تنهنجي بادشاهيءَ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.“


سموئيل وراڻي ڏنس تہ ”آءٌ تو سان گڏجي موٽي نہ هلندس، ڇاڪاڻ تہ تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو آهي ۽ خداوند بني اسرائيل تي تنهنجي بادشاهيءَ کي رد ڪيو آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan