Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 6:17 - Muslim Sindhi Bible

17 مون آگاهہ ڪرڻ لاءِ اوهان ڏانهن نبي موڪليا، جن اوهان کي چيو تہ ’نفيلن وسيلي خطري جو آواز ٻڌو،‘ پر اوهان جواب ڏنو تہ ’اسين ڪين ٻڌنداسين.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

17 ۽ مون اوهان تي نگهبان بيهاريا، ۽ چيم تہ قرناءِ جو آواز ٻڌو: پر هنن چيو تہ اسين ڪين ٻڌنداسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 6:17
19 Iomraidhean Croise  

هي پيغام سنسان رات بابت آهي. ادوم جي جابلو علائقي مان ڪنهن مون کي پڪاري چيو تہ ”اي پهريدار! رات ڪڏهن پوري ٿيندي؟ ٻڌاءِ تہ رات ڪڏهن ختم ٿيندي؟“


ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم جا سڀيئي نگهبان انڌا آهن. انهن سڀني کي ڪا ڄاڻ نہ آهي. هائو، اهي سڀ اهڙن بيڪار پهريدار ڪتن مثل آهن، جيڪي گونگا آهن ۽ ڀونڪي بہ نہ ٿا سگھن. اهي خوابن ۾ گم رهڻ وارا آهن، جن کي سستيءَ مان ليٽيو رهڻ ئي پسند آهي.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”پڪار، ايترو وڏي آواز سان پڪار، جيترو پڪاري سگھين ٿو. نفيل وانگر پنهنجو آواز بلند ڪر، ۽ منهنجي قوم بني اسرائيل کي سندن گناهہ ظاهر ڪري ٻڌاءِ.


اي يروشلم! مون تنهنجي ڀتين تي پهريدار بيهاري ڇڏيا آهن، ڏينهن هجي توڙي رات اهي ڪڏهن بہ ماٺ ڪري نہ ٿا ويهن، اهي خداوند کي سندس واعدا ياد ڏياريندا ٿا رهن.


پر هو وراڻيندا تہ ’تون جيڪي چوين ٿو تنهن جي اسان کي ڪا پرواهہ ڪانهي. اسين پنهنجين تجويزن کي جاري رکنداسين. اسان مان هر ڪو پنهنجي شرير دل جي هوڏ تي هلندو.‘“


جيتوڻيڪ خداوند اوهان ڏانهن بار بار پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن، تہ بہ اوهان انهن کي ناهي ٻڌو، نہ وري انهن ڏانهن ڪو ڌيان ئي ڏنو اٿوَ.


تنهنڪري اي قومون! ٻڌو، اي شاهدؤ! ڏسو، تہ هن قوم سان ڇا ٿيڻ وارو آهي.


تنهنڪري تون کين چئُہ تہ ’اوهين اهڙي قوم آهيو جنهن خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي ۽ نہ وري سڌرڻ قبوليو اٿوَ. وفاداري اوهان مان ايتري قدر تہ ختم ٿي ويئي آهي جو اوهان جي وات مان انهيءَ بابت ڪا ڳالهہ ئي نہ ٿي نڪري.‘“


تہ پوءِ اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ڦري وڃڻ بعد مون ڏانهن موٽي ڇونہ آيا آهيو؟ اوهين بتن کي چنبڙي پيا آهيو ۽ وري مون آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿا ٿيو.


پر بني اسرائيل مان ڪوبہ تنهنجي ڪين ٻڌندو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجي ڳالهہ ٻڌڻ ئي نہ ٿا گھرن. سڀيئي بني اسرائيل منهن جا پڪا ۽ ضدي آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”نفيل وڄائي اعلان ڪيو وڃي، ڇوجو اسرائيل جو دشمن مون خداوند جي چونڊيل ملڪ مٿان باز جيان لامارا ٿو ڏئي. انهيءَ لاءِ جو منهنجي قوم مون سان ٻڌل عهد ٽوڙيو آهي، ۽ منهنجي شريعت جي خلاف هليا آهن.


آءٌ پنهنجي پهري واري ٺُلهہ تي چڙهي بيهندس ۽ ڏسندس تہ خدا مون سان ڇا ٿو ڳالهائي ۽ مون کي منهنجي شڪايت جو ڪهڙو جواب ٿو ملي.


اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جهڙا نہ ٿيو، جن کي اڳين نبين پڪاري مون قادر‌مطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ هو پنهنجن بڇڙن افعالن ۽ طور طريقن کان باز اچن. پر هنن مون خداوند جو فرمان ٻڌو اڻ‌ٻڌو ڪري ڇڏيو.


اهو ئي پيغام هو جيڪو اوهان جي ابن ڏاڏن ٻڌڻ کان انڪار ڪيو. هنن هٺ ڪري مون کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ پنهنجن ڪنن ۾ ڪپهہ وجھي ڇڏيائون.


اوهين پنهنجي اڳواڻن تي اعتماد رکندي سندن تابعدار رهو، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان جي روحاني فائدي لاءِ سجاڳ ٿا رهن ۽ خدا وٽ انهيءَ جو حساب ڏيڻ جا ذميوار آهن. سو اوهين ائين ڪريو، تہ جيئن هو اها ذميواري خوشيءَ سان پوري ڪن نڪي رنج سان، نہ تہ اوهان کي ڪو فائدو نہ ٿيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan