Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 6:13 - Muslim Sindhi Bible

13 منجھن ننڍو هجي توڙي وڏو سڀني کي دولت ڪمائڻ جو حرص آهي. نبي سڏائيندڙ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ٺڳيءَ جا ڪم ڪن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو ننڍن کان وٺي وڏن تائين سڀني کي لالچ جي عادت آهي؛ ۽ نبيءَ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ڪوڙ ۽ ڪپت ۾ مشغول آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 6:13
32 Iomraidhean Croise  

ڪاهن توڙي نبي سڏائيندڙ بہ مئي جي ڪري ڀلجي ويا آهن. اهي نشي وارين شين ۾ غرق ٿي ٿاٻڙبا ٿا وتن. سو اهي رويا ڏسڻ ۾ ڀلجن ٿا، ۽ انصاف ڪرڻ ۾ ٿاٻڙجن ٿا.


آءٌ سندن لالچ واري بڇڙائيءَ تي ڪاوڙيو هئس، سو مون کين سزا ڏني، ۽ ڪاوڙجي هنن کان منهن موڙي ڇڏيو هئم. پر اهي پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا، ۽ پنهنجي دلپسند رستي تي هلندا رهيا.


جڏهن آءٌ ٻهراڙيءَ ڏانهن نڪري ٿو وڃان تہ آءٌ انهن کي ڏسان ٿو جيڪي جنگ ۾ ماريا ويا آهن. جڏهن آءٌ شهر ۾ اچان ٿو تہ ڏڪار سبب مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتلن کي ڏسان ٿو. نبي سڏائيندڙ ۽ ڪاهن وائڙن وانگر پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهن، کين ڪابہ خبر نہ ٿي پوي تہ قوم سان هي ڇا ٿي رهيو آهي.“


جيڪي ماڻهو ناجائز طريقن سان دولت گڏ ڪن ٿا، سي ان تتر وانگر آهن، جيڪو ٻين جي آنن مان ٻچا ڦوڙي ٿو، پر پوءِ اهي ٻچا کيس ڇڏي هليا ٿا وڃن. ساڳيءَ طرح انهن ماڻهن جي هٿ ڪيل دولت بہ سندن اڌ عمر ۾ ئي ساٿ ڇڏي ويندي، ۽ پڇاڙيءَ ۾ اهي بي‌وقوفن مان ليکبا.


خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”جيئن ڪو چور پڪڙجي پوڻ تي خوار خراب ٿيندو آهي، تيئن ئي اوهان بني اسرائيل وارا پنهنجن بادشاهن ۽ اميرن، ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن سميت خوار خراب ٿيا آهيو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون تي الزام ڇو ٿا هڻو؟ جڏهن تہ اوهان سڀيئي پاڻ منهنجي خلاف بغاوت ڪري چڪا آهيو.


ڪاهنن بہ مون خداوند کي ياد نہ ڪيو، جن جو واسطو شريعت سان آهي تن بہ مون کي ڪين ڄاتو. اڳواڻن بہ منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. نبي سڏائيندڙن بعل ديوتا جي نالي سان پيغام ڏنا، ۽ بيڪار بتن جي پوڄا ۾ لڳي ويا.“


پر تنهنجيون اکيون ۽ تنهنجي دل رڳو حرام جي مال، بي‌گناهہ جي رت وهائڻ ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ تي کتل آهن.


جيئن تہ ملڪ خداوند سان بي‌وفائي ڪندڙن سان ڀرجي ويو آهي، جن بڇڙائيءَ جو رستو اختيار ڪيو آهي ۽ پنهنجي طاقت کي سچائيءَ جي خلاف استعمال ڪن ٿا. سو خدا جي لعنت جي ڪري ملڪ سڙي ٺوٺ ٿي ويو آهي ۽ چراگاهہ سڪي سڙي ويا آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”نبي سڏائيندڙ ۽ ڪاهن ٻيئي مڪار آهن. آءٌ پنهنجي هيڪل ۾ بہ هنن جي بڇڙائي ڏسان ٿو.


خداوند پاڻ فرمائي ٿو تہ ’مون هنن کي ڪونہ موڪليو آهي. هو منهنجي نالي تي ڪوڙيون اڳڪٿيون ٿا ڪن. سو جيڪڏهن اوهين انهن تي يقين ڪندا تہ آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍي ڇڏيندس ۽ اوهين انهن نبي سڏائيندڙن سان گڏ ناس ٿي ويندا، جيڪي اوهان کي اڳڪٿيون ڪري ٻڌائين ٿا.‘“


هائو، بني اسرائيل جون بدڪاريون ايتريون ئي وڌي ويون آهن. يروشلم وارن، بلڪ سڄي يهوداہ وارن پنهنجي بادشاهن، عملدارن، ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن سميت مون کي ڪاوڙ پئي ڏياري آهي.


تڏهن اتي لشڪر جا سڀ سالار ۽ يوحنان ولد قريح، عزرياہ ولد هوسعياہ ۽ ٻيا سڀ ننڍا توڙي وڏا ماڻهو


نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشن‌گوئي ڪن ٿا، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا، جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن. پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“


انهيءَ ڪري آءٌ سندن زالون ٻين کي ڏيئي ڇڏيندس، ۽ هنن جون ٻنيون ٻين جي قبضي ۾ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ننڍو هجي توڙي وڏو سڀني کي دولت ڪمائڻ جو حرص آهي. نبي سڏائيندڙ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ٺڳيءَ جا ڪم ڪن ٿا.


يروشلم کي اها سزا نبي سڏائيندڙن ۽ ڪاهنن جي بدڪارين جي ڪري ملي، جن بي‌گناهہ ماڻهن جو رت وهرايو هو.


تو منجھہ رشوت وٺي ماڻهن جو خون وهايو وڃي ٿو ۽ وڏو وياج ۽ ناجائز منافعو ورتو وڃي ٿو. لالچ وچان ظلم زبردستيءَ سان پنهنجي پاڙيسرين کي لٽيو ڦريو وڃي ٿو. مطلب تہ منهنجي حڪمن جي انحرافي ڪندي تنهنجي رهاڪن مون خداوند خدا کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي.


سو اهي سڀ ٽولا ٽولا ٿي تو وٽ اچن ٿا ۽ تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن ٿا. پر هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. اهي هميشہ شهوت‌پرستيءَ جون ڳالهيون ڪندا ٿا رهن ۽ ٺڳيءَ ذريعي ٻين کي لٽڻ ڦرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


اوهان جا عملدار رشوت وٺي ناانصافيءَ وارو فيصلو ٿا ڪن. اوهان جا ڪاهن پئسن جي لالچ ۾ شريعت جي تعليم ٿا ڏين، ۽ اوهان جا نبي سڏائيندڙ دولت وٺي اڳڪٿيون ٿا ڪن. انهيءَ هوندي بہ اوهين دعويٰ ٿا ڪريو تہ ”خداوند اسان سان گڏ آهي، سو اسان تي ڪا آفت ڪا نہ ايندي.“


نبي سڏائيندڙن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪرڻ وارؤ! جيڪي اوهان کي کارائين پيئارين ٿا، تن سان منهنجي طرفان امن وَ سلامتيءَ جو واعدو ٿا ڪريو. پر جيڪي اوهان جو وات نہ ٿا ڀرين، تن کي اوهين منهنجو نالو وٺي آفتن اچڻ جا دڙڪا ٿا ڏيو.


فريسي، جن کي دولت سان پيار هو، سي عيسيٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.


هو نشئي نہ هجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ حليم هجي. هو جھيڙو ڪندڙ يا پئسي جو لالچي نہ هجي.


پر جهڙيءَ طرح بني اسرائيل ۾ نبي سڏائيندڙ ڪوڙا ماڻهو هئا، تهڙيءَ طرح اوهان ۾ بہ ڪوڙي تعليم ڏيندڙ ظاهر ٿيندا. اهي ڳُجھيءَ طرح برباد ڪندڙ بدعتون ڦهلائيندا. ايتري قدر جو هو انهيءَ مالڪ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين مُلهہ ڏيئي خريد ڪيو هو. ائين هو پاڻ تي جلد ئي بربادي آڻيندا.


اهي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالهيون ٻڌائي اوهان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي خدا سندن خلاف فتويٰ جاري ڪئي هئي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو تيار رهي ٿو ۽ کين برباد ڪرڻ لاءِ سجاڳ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan