Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 6:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پر اي خداوند! انهيءَ سبب هنن خلاف تنهنجي ڪاوڙ مون ۾ ايتري تہ ڀرجي ويئي آهي، جو هاڻ آءٌ انهيءَ ڪاوڙ کي وڌيڪ روڪي نہ ٿو سگھان.“ تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”وڃي گھٽين ۾ گڏ ٿيل ٻارن، ۽ جوان ماڻهن جي مجلسن تي اُها اُٽلاءِ، مرد توڙي عورتون، پوڙها توڙي عمررسيدہ، سڀ انهيءَ ۾ ڦاسي پوندا، ڪوبہ انهيءَ کان بچي نہ سگھندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 تنهن ڪري آءٌ خداوند جي ڪاوڙ سان ڀرجي ويو آهيان؛ آءٌ جهلي جهلي ٿڪجي پيو آهيان: اُها بازار ۾ ٻارن تي، ۽ جوان ماڻهن جي جماعت تي گڏي اوتي وجهہ: ڇالاءِ جو مرد زال سميت پڪڙيو ويندو، ۽ ٻڍو، پوريءَ عمر واري ماڻهوءَ سميت.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 6:11
22 Iomraidhean Croise  

جيتوڻيڪ نوجوان ٿڪجي پوندا، ۽ اهي ساڻا ٿي پوندا، بلڪ جوڌا جوان بہ بلڪل ڪري پوندا.


آءٌ کل خوشيءَ وارين محفلن ۾ نہ ٿو وڃان، نڪي پنهنجو وقت تفريح ڪندي ٿو گذاريان. اٽلندو آءٌ تنهنجي ڏنل ذميوارين جي ڪري پنهنجي منهن ٿو گذاريان، ڇاڪاڻ تہ هن قوم تي تنهنجي ناراض هجڻ ڪري آءٌ بہ ساڻن ڏاڍو ڪاوڙيل آهيان.


اوهان مون کي رد ڪيو آهي. اوهان مون کي پٺي ڏني آهي. سو آءٌ اوهان ۾ پنهنجا هٿ وجھي اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان تي ترس کائي کائي بيزار ٿي پيو آهيان.


پر هاڻ منهنجو عرض آهي تہ تون سندن اولاد کي ڏڪار منجھہ وجھي ڇڏ، ۽ دشمن جي تلوار جي حوالي ڪري ڇڏين. هنن جون زالون سنڍ ۽ بيوہ بڻائي ڇڏ، هنن جا مرد وبا جي حوالي ڪري ماري ڇڏ، ۽ سندن نوجوان جنگ ۾ تلوار سان ڪهائي ڇڏ.


پر جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تو بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس، ۽ تنهنجي نالي سان اڳتي وري ڪجھہ بہ نہ چوندس، تہ پوءِ تنهنجو فرمان منهنجي دل ۾ ڄڻ تہ هڪڙي اهڙي باهہ وانگر ڀڙڪي ٿو جيڪا منهنجي هڏن منجھہ لڪل آهي. آءٌ انهيءَ کي برداشت ڪرڻ جي ڪوشش تہ ڪريان ٿو، پر ڪري نہ ٿو سگھان.


انهن ڳالهين جي ڪري ڇا آءٌ اوهان کي سزا نہ ڏيان؟ ڇا آءٌ اوهان جهڙي قوم کان بدلو نہ وٺان؟


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ منهنجو قهر ۽ غضب هن هيڪل تي، انسان ۽ حيوان تي، جھنگلي وڻن ۽ زمين جي پيداوار تي نازل ٿيندو ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجھامندو ئي ڪين.“


مون يرمياہ چيو تہ ”اي عورتون! خداوند جي ڳالهہ ٻڌو، سندس لفظن ڏانهن ڌيان ڏيو. اوهين پنهنجين ڌيئرن کي ويڻ ڪرڻ ۽ هڪٻئي کي واءِ‌ويلا ڪرڻ سيکاريو،


ڇاڪاڻ تہ موت اسان جي درين منجھان ٽپي اسان جي قلعن اندر گھڙي آيو آهي، ان ننڍڙن ٻارن کي گھٽين ۾ ۽ نوجوانن کي چونڪن تي وڍي اڇلائي ڇڏيو آهي.


پروردگار منهنجي سڀني بهادر سپاهين کان منهن موڙي ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي انهن جنگي جوڌن کي چِٿڻ لاءِ هڪڙو وڏو لشڪر موڪليو اٿس. آءٌ يهوداہ جي پياري ۾ پياري وسندي هئس، پر ڌڻيءَ مون کي ائين لتاڙي ڇڏيو آهي، جيئن چيچڙي ۾ انگورن کي لتاڙبو آهي.


منهنجا ماڻهو جوان توڙي پوڙها گھٽين ۾ مئا پيا آهن. هائو، تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري منهنجا جوان مرد توڙي عورتون تلوار سان قتل ڪيا ويا آهن. تو انهن جو ڪوس ڪرايو آهي، ۽ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪيو اٿيئي.


آءٌ اوهان جلاوطن بني اسرائيل وارن کي خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌايان تہ ’ياد رکو، منهنجي مقدس هيڪل جنهن کي اوهين پنهنجي سلامتيءَ جو سهارو ٿا سمجھو ۽ جيڪا اوهان جي دل جي پياري آهي ۽ جنهن تي اوهين فخر ٿا ڪريو، تنهن کي آءٌ پليت ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي اوهان پٺيان يروشلم ۾ ڇڏي آيا آهيو.


جڏهن خداوند جو روح مون کي مٿي کڻي هليو، تڏهن خدا جي قدرت وڏي زور سان مون تي نازل ٿي. آءٌ تلخيءَ ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس.


هن فرمايو تہ ”اي آدمزاد! هي ويڙهوٽو جو آءٌ تو کي ڏيان ٿو، تنهن سان تون پنهنجو پيٽ ڀر.“ تڏهن مون اهو کاڌو. اهو ويڙهوٽو منهنجي وات کي اهڙو تہ مٺو لڳو جهڙي ماکي.


پوڙهن توڙي نوجوانن، مردن توڙي عورتن، والدين توڙي سندن ٻارن، سڀني کي ماري فنا ڪري ڇڏيو. پر جنهن ماڻهوءَ جي پيشانيءَ تي نشان هجي تنهن کي هٿ بہ نہ لائجو. اوهين شروعات هتان منهنجي هيڪل کان ئي ڪريو.“ سو هنن شروعات انهن اڳواڻن کان ئي ڪئي جيڪي اتي هيڪل ۾ بيٺا هئا.


پر خداوند مون ميڪاہ تي پنهنجو روح نازل ڪري مون کي طاقت، عدل ۽ دليري عطا ڪري ڇڏي آهي، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يعقوب جي اولاد بني اسرائيل کي سندن ڪيل گناهن کان آگاهہ ڪريان.


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ انهيءَ رات جيڪڏهن ٻہ ماڻهو گڏ هڪ بستري تي ستل هوندا تہ هڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.


جڏهن پولس اٿينس ۾ سيلاس ۽ تيمٿيس جو انتظار ڪري رهيو هو، تڏهن هن کي اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو تہ سڄو شهر بتن سان ڀريو پيو آهي.


جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدُنيا مان اچي اتي پهتا تڏهن پولس پنهنجو پورو وقت تبليغ ۾ گذارڻ لڳو. هن يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيو تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي.


اهو ناممڪن آهي تہ اسين اهي ڳالهيون نہ ٻڌايون جيڪي اسان ڏٺيون ۽ ٻڌيون آهن.“


پوءِ مون هيڪل مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انهن ستن ملائڪن کي چئي رهيو هو تہ ”وڃو ۽ خدا جي غضب جا ست ئي پيالا ڌرتيءَ تي هاري ڇڏيو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan