Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 52:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پر بابل جو لشڪر صدقياہ بادشاهہ جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي ميدان ۾ وڃي پهتس. صدقياہ جو سڄو لشڪر هن کي ڇڏي هيڏي هوڏي ٽڙي پکڙي ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 پر ڪسدين جو لشڪر بادشاهہ جي پٺيان پيو، ۽ يريحو جي ميدان ۾ صدقياہ کي وڃي پهتو؛ ۽ هن جو سارو لشڪر کانئس ڇڄي ڌار ٿي پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 52:8
13 Iomraidhean Croise  

تنهن کان پوءِ آءٌ تو کي، تنهنجي عملدارن کي ۽ وبا، جنگ ۽ ڏڪار کان بچي ويل تنهنجي رعيت کي تنهنجي جاني دشمن بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. بابل جو بادشاهہ اوهان سڀني کي تلوار جي ڌار سان مارائي ڇڏيندو ۽ اوهان تي ڪو ترس، ڪو قياس ۽ ڪابہ ڪهل نہ آڻيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


بادشاهہ صدقياہ بابلين جي هٿان بچي نہ سگھندو، پر يقيناً بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪيو ويندو. صدقياہ کي پڪڙي سندس آڏو آندو ويندو، جتي هو ساڻس ڳالهائيندو.


آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سندس عملدارن کي پڻ انهن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪي سندن جانين جي پٺيان آهن. هائو، آءٌ کين بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيتوڻيڪ اهو يهوداہ سان جنگ ڪرڻ کان هٽي پاسي ٿيو آهي.


پوءِ بادشاهہ صدقياہ مون کي پنهنجي محل ۾ گھرائي ورتو جتي ڳجھيءَ طرح مون کان پڇيائين تہ ”خداوند وٽان ڪو پيغام آيو آهي يا نہ؟“ مون وراڻيو تہ ”هائو، تون بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندين.“


پوءِ مون بادشاهہ صدقياہ کان پڇيو تہ ”مون تنهنجو يا تنهنجي عملدارن جو يا تنهنجي رعيت جو ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو تو مون کي قيد ۾ وڌو آهي؟


پوءِ تنهنجيون سڀ زالون ۽ ٻار بابلين وٽ آندا ويندا. تون پاڻ بہ انهن کان بچي ڪين نڪرندين ۽ هي شهر ساڙيو ويندو.“


پر بابلي لشڪر هنن جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي بيابان ۾ صدقياہ کي وڃي پهتو. هو صدقياہ کي پڪڙي حمات جي علائقي ۾ ربلہ شهر منجھہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر وٽ وٺي آيا، جتي هن صدقياہ لاءِ سزا جو اعلان ڪيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan