يرمياہ 52:4 - Muslim Sindhi Bible4 سو صدقياہ جي بادشاهيءَ جي نائين سال، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ تي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سڄو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو. هن يروشلم جي ٻاهران پنهنجا خيما کوڙيا ۽ شهر جي چوڌاري مورچا تعمير ڪرايائين. Faic an caibideilSindhi Bible4 ۽ ان جي حڪومت جي نائين سال ۾، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ نبوڪدرضر، بابل جو بادشاهہ، پنهنجو سڄو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو، ۽ اُن جي چوڌاري منزل ڪري لهي پيو؛ ۽ ان جي چوڌاري ساڻس وڙهڻ لاءِ دمدما جوڙيائون. Faic an caibideil |
بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس سڄو لشڪر دنيا جي انهن بادشاهتن جي لشڪرن سميت، جيڪي سندس ئي راڄ هيون، يروشلم ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن سان جنگ ڪري رهيو هو. ان وقت خداوند، بني اسرائيل جي خدا مون يرمياہ کي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ لاءِ هي پيغام ڏنو تہ ”آءٌ هي شهر يروشلم بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيڻ وارو آهيان، جيڪو ان کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو.