يرمياہ 52:13 - Muslim Sindhi Bible13 هن خداوند جي هيڪل، شاهي محل ۽ يروشلم جا سمورا مکيہ گھر يعني مکيہ ماڻهن جا سڀ گھر باهہ ڏياري ساڙائي ڇڏيا. Faic an caibideilSindhi Bible13 ۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، بلڪ سڀڪو وڏو گهر، هن باهہ سان ساڙيو. Faic an caibideil |
آءٌ اوهان جلاوطن بني اسرائيل وارن کي خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌايان تہ ’ياد رکو، منهنجي مقدس هيڪل جنهن کي اوهين پنهنجي سلامتيءَ جو سهارو ٿا سمجھو ۽ جيڪا اوهان جي دل جي پياري آهي ۽ جنهن تي اوهين فخر ٿا ڪريو، تنهن کي آءٌ پليت ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي اوهان پٺيان يروشلم ۾ ڇڏي آيا آهيو.