Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 52:1 - Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن صدقياہ يهوداہ جو بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ايڪيهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ اٽڪل يارهن سال حڪومت ڪئي. سندس ماءُ جو نالو حموطل هو، جيڪا لبناہ شهر واري يرمياہ جي ڌيءَ هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 جڏهن صدقياہ بادشاهت ڪرڻ لڳو تڏهن ايڪيهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن ورهيہ حڪومت ڪئي: ۽ اُن جي ماءُ جو نالو حموطل هو، جا لبناہ واري يرمياہ جي ڌيءَ هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 52:1
12 Iomraidhean Croise  

جڏهن يهوآخز بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ٽيويهہ سال هئي ۽ هن يروشلم ۾ رهي ٽي مهينا بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو حموطل هو جيڪا لبناہ جي رهاڪو يرمياہ جي ڌيءَ هئي.


جڏهن صدقياہ بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ايڪيهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل يارهن سال حڪومت ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو حموطل هو جيڪا يرمياہ جي ڌيءَ هئي جيڪو لبناہ شهر جو هو.


بابل جي بادشاهہ جي خلاف صدقياہ بادشاهہ بغاوت ڪئي. سو سندس بادشاهيءَ جي نائين سال، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سمورو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو. هن شهر جي ٻاهران اچي خيما کوڙيا ۽ گھيري ڪرڻ لاءِ چوڌاري مورچا تعمير ڪرايائين.


اهڙيءَ طرح ادوم يهوداہ کان باغي ٿي اڄ ڏينهن تائين هڪ الڳ ملڪ آهي. لبناہ شهر وارن بہ انهيءَ ساڳئي ئي وقت بغاوت ڪئي هئي.


صدقياہ کي جڏهن بادشاهہ بڻايو ويو، تڏهن سندس عمر ايڪيهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل يارهن سال بادشاهي ڪئي.


جڏهن عملدار اعليٰ ٻڌو تہ اشور جو شهنشاهہ لڪيس شهر مان روانو ٿي ويو آهي ۽ لبناہ شهر وارن سان جنگ جوٽيو بيٺو آهي، تڏهن هو وٽس صلاح مشوري لاءِ ويو.


فشحور ولد ملڪياہ ۽ صفنياہ ولد مسعياہ ڪاهن جي هٿان يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ مون يرمياہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ


يروشلم تي هيئن قبضو ٿيو جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهيءَ جي نائين سال جي ڏهين مهيني ۾، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سڄو لشڪر ساڻ ڪري يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ ان کي گھيرو ڪري ويهي رهيو.


مون يرمياہ هي پيغام سراياہ ولد پنرياہ ولد محسياہ کي ان وقت ڏنو، جڏهن هو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ سان سندس بادشاهيءَ جي چوٿين سال بابل ڏانهن پئي ويو. سراياہ بادشاهہ جو خاص خدمتگار هو.


ڇا هاڻ هو ائين ئي پنهنجي ڄار جي وسيلي ڪندا رهندا؟ ۽ بي‌رحميءَ سان قومن کي تباهہ ڪندا رهندا؟


تنهن کان پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت مقيدہ کان لبناہ شهر ڏانهن ويو ۽ انهيءَ تي حملو ڪيائين.


انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: لبناہ، عتر ۽ عسن،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan