Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 51:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پر هاڻي اهو پيالو اوچتو ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ وارو آهي. پوءِ خداوند ڌارين قومن کي چوندو تہ ”ڀلي اوهين ان جي لاءِ واءِ‌ويلا مچايو ۽ ان جي زخمن لاءِ ملم هٿ ڪريو تہ من هو ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 بابل اوچتو ڪري پيو آهي، ۽ ناس ٿي ويو آهي: اُن جي لاءِ واويلا مچايو؛ اُن جي سور لاءِ ملم کڻي وڃو تہ من هو ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 51:8
20 Iomraidhean Croise  

هاڻي اِجھو، آءٌ هڪڙو ماڻهو ايندي ڏسي رهيو آهيان، جنهن جي گاڏيءَ کي ٻہ گھوڙا ڇڪي رهيا آهن. اهو ماڻهو رڙيون ڪري چوي ٿو تہ ’بابل ڪري پيو آهي، هائو، اهو تباهہ وَ برباد ٿي ويو آهي. انهيءَ جي معبودن جي سڀني اُڪريل مورتين کي زمين تي ڪيرائي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو آهي.‘“


تنهنڪري تو تي آفت ايندي، جنهن کي تون ڪنهن بہ جادوءَ سان هٽائي نہ سگھندينءَ. هائو، تو تي اهڙي تہ مصيبت اچي ڪڙڪندي، جو تون انهيءَ کي ٽاري نہ سگھندينءَ. اوچتو ئي اوچتو تو مٿان تباهي اچي نازل ٿيندي، جنهن بابت تو ڪڏهن سوچيو ئي نہ هوندو.


سا ياد رک، تو تي اهي ٻئي ڳالهيون، يعني اولاد جو نقصان ۽ ڏهاڳ، هڪڙي ئي ڏينهن، بلڪ هڪڙي لحظي ۾ اچي ڪڙڪنديون. هائو، تنهنجي گھڻين جادوگرين ۽ بي‌انداز منترن هوندي بہ تون پنهنجو مڙس ۽ اولاد وڃائي ويهندينءَ.


اي مصر وارؤ! اوهين هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ مثل آهيو، جيڪا ڀلي پنهنجي لاءِ دوا وٺڻ واسطي جِلعاد ڏانهن پيئي ڊوڙي. هائو، هوءَ طرح طرح جون دوائون ڪم ٿي آڻي، جيڪي بلڪل بي‌فائدي آهن، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ شفا تہ آهي ئي ڪونہ.


هو اوهان کي ٻڌائيندا تہ ’موآب خوار خراب ڪيو ويو آهي. اهو بلڪل ناس ڪيو ويو آهي. سو اسان سان گڏ روئو رڙو. اوهين موآب جي سرحد واري برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي هلندي پڙهو گھمايو تہ موآب برباد ڪيو ويو آهي.‘


تنهنڪري قيرحراست شهر، بلڪ سڄي موآب جي ماڻهن جي تباهيءَ تي مون کي ايترو تہ ڏک ٿيندو جو مون کي روئڻ اچي ويندو.


”تون قومن منجھہ ظاهر ڪر ۽ منجھن اعلان ڪر، هڪڙو جھنڊو کڙو ڪري پڌرائي ڪر ۽ ڪجھہ بہ نہ لڪاءِ، چئُہ تہ ’بابل قبضي هيٺ اچي ويو آهي، ان جي رهاڪن جو معبود مردوڪ خوار خراب ڪيو ويو آهي. هائو، سندن انهيءَ ديوتا کي ڊاهي ڪيرايو ويو آهي، ۽ سندس ڪراهت جهڙا بت ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيا ويا آهن.‘


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جنهن بابل جي واکاڻ جا سڄيءَ دنيا ۾ چرچا پيا هلن، سو بابل ڪيئن نہ قبضي هيٺ اچي ويندو! هائو، بابل قومن منجھہ ڪيئن نہ عبرت جو سبب بڻجي پوندو!


جِلعاد ۾ ڪا دوا ڪانهي ڇا؟ اتي ڪو حڪيم ڪونهي ڇا؟ پر منهنجي قوم جا زخم انهن کان ڇٽڻ جا ناهن.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! اڳڪٿي ڪندي اعلان ڪر تہ آءٌ خداوند خدا هيئن ٿو چوان تہ ’اي مصر وارؤ! روئو ۽ رڙيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ دهشت وارو ڏينهن اچي رهيو آهي.


تنهنڪري ئي وٽانئس اهو هٿ موڪليو ويو، جنهن سان اها لکت لکي ويئي.


تڏهن دارا مادئيءَ کي بادشاهت ملي ويئي، جنهن جي عمر ٻاهٺ سال هئي.


تنهنجي زخم جو ڪوبہ علاج ڪونهي، ڇوجو تنهنجو زخم ناسور ٿي ويو آهي. جيڪو بہ تنهنجي باري ۾ ٻڌي ٿو، سو تنهنجي زوال تي خوشيءَ مان تاڙيون ٿو وڄائي، ڇاڪاڻ تہ اهڙو ڪوبہ ناهي، جيڪو تنهنجي ظلم جو نشانو نہ بڻيو هجي.


هن جي پٺيان هڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ”ڪِري پيو، اهو وڏو شهر بابل ڪِري پيو، جنهن سڀني قومن کي پنهنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنهن جي ڪري انهيءَ شهر تي خدا جو غضب نازل ٿي رهيو آهي.“


هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan