يرمياہ 51:47 - Muslim Sindhi Bible47 انهيءَ سبب جو اهو وقت يقيناً اچڻ وارو آهي، جڏهن آءٌ بابل جي بتن کي سزا ڏيندس. بابل جو سڄو ملڪ خوار خراب ٿيندو، ۽ ان جا سمورا ماڻهو ماريا ويندا. Faic an caibideilSindhi Bible47 تنهن ڪري ڏس، اُهو ڏينهن اچي ٿو جڏهن آءٌ بابل جي اُڪريل مورتن تي فتويٰ جاري ڪندس، ۽ اُن جي ساري زمين شرمندي ٿيندي؛ ۽ اُن جا سڀ ڪُٺل اُن جي وچ ۾ ڪرندا. Faic an caibideil |
هاڻ مون خداوند جو حڪم آهي تہ انهن مان ڪوبہ نبي سڏائيندڙ، ڪاهن يا ڪو ٻيو ماڻهو ’خدائي پيغام جو بار‘ جا لفظ هرگز استعمال نہ ڪري. جيڪڏهن ڪو ’خدائي پيغام جو بار‘ جا اهي لفظ چوندو تہ هن لاءِ اهو سزا جو بار ٿي پوندو. هائو، آءٌ انهيءَ شخص ۽ سندس گھراڻي کي سزا ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هر ڪو ماڻهو پنهنجي لفظن کي ’خدائي پيغام جو بار‘ چئي پنهنجي قادرِمطلق خداوند جيئري خدا جي فرمان کي ٽوڙيو مروڙيو ڇڏي. سو جيڪڏهن ڪو خداوند جي پيغام کي ڳولڻ چاهي ٿو تہ هو اهي لفظ استعمال نہ ڪري، بلڪ هاڻ انهن مان هر ڪو هڪٻئي کان هن طرح پڇي تہ ’خداوند ڪهڙو جواب ڏنو آهي؟‘ يا ’خداوند ڇا ٿو فرمائي؟‘