Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 51:43 - Muslim Sindhi Bible

43 ان جا شهر عبرت جو سبب بڻجي ويندا. اهي هڪ اهڙي خشڪ زمين ۽ رڻ‌پٽ ٿي ويندا، جتي ڪوبہ انسان نہ رهندو هجي، ۽ نہ وري اتان ڪو لنگھي سگھندو هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

43 اُن جا شهر ويران ۽ خشڪ زمين ۽ برپٽ ٿي ويا آهن، يعني اهڙي زمين جنهن ۾ ڪوبہ ماڻهو نٿو رهي، ۽ نہ ڪو آدمزاد اُتان لنگهي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 51:43
12 Iomraidhean Croise  

اچو، اوهين اچي ڏسو تہ خداوند ڇا ڇا ڪيو آهي. ڌرتيءَ تي هُن ڪهڙا ڪهڙا نہ عجائبات ڏيکاريا آهن.


اهو وري ڪڏهن بہ آباد ڪين ٿيندو، ۽ نہ وري ڪو اچي اتي رهندو، نڪي ڪو خانہ‌بدوش ماڻهو اتي پنهنجو خيمو کوڙيندو، ۽ نہ وري ڪو ڌنار پنهنجو ڌڻ اتي ويهاريندو.


انهيءَ جي محلاتن ۽ ڪوٽ وارن شهرن ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا. ملڪ رڳو گدڙن ۽ اُلو پکين جي جُوءِ بڻجي ويندو.


تنهنڪري تو تي آفت ايندي، جنهن کي تون ڪنهن بہ جادوءَ سان هٽائي نہ سگھندينءَ. هائو، تو تي اهڙي تہ مصيبت اچي ڪڙڪندي، جو تون انهيءَ کي ٽاري نہ سگھندينءَ. اوچتو ئي اوچتو تو مٿان تباهي اچي نازل ٿيندي، جنهن بابت تو ڪڏهن سوچيو ئي نہ هوندو.


انهيءَ ڪري سندن ملڪ اجڙي برباد ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ هڪڙي ڦٽڪار واري شيءِ بڻيل رهندو. اتان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا.


هنن کي تہ منهنجي يادگيري ئي ناهي رهي، توڙي جو مون کين مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو، بلڪ کين ويران بيابان مان پڻ ٻاهر وٺي آيس، يعني رڻ‌پٽ ۽ کڏن کوٻن جي علائقي مان ڪڍي آيس، هڪ اهڙي علائقي مان جيڪو خشڪ ۽ انڌيري وارو هو. اهو اهڙو علائقو هو جنهن مان نہ ڪو لنگھندو هو ۽ نہ وري منجھس ڪو رهندو هو.


پر هاڻي اوهان جي قوم تمام خوار خراب ٿيندي. اها قومن منجھہ سڀني کان حقير ڪئي ويندي، ۽ اوهان جو ملڪ بيابان، خشڪ زمين ۽ رڃ ٿي ويندو.


جيئن تہ بابل جي خلاف مون خداوند جو هر ارادو قائم آهي، انهيءَ لاءِ تہ بابل جي ملڪ کي اهڙو ويران ڪري ڇڏيان، جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو نہ هجي، تنهنڪري زمين ڪنبي ٿي ۽ ڌڏي ٿي.


پوءِ بابل ويران دڙا بڻجي ويندو. هائو، اهو گدڙن جي جُوءِ بڻبو. اهو هڪ اهڙي جاءِ بڻجي ويندو، جتي ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو. انهيءَ کي ڏسي ماڻهو دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا.


پوءِ دعا گھرجانءِ تہ ’اي خداوند! تو ئي چيو آهي تہ تون هن شهر کي تباهہ ڪندين، انهيءَ لاءِ تہ ڪو انسان توڙي حيوان انهيءَ ۾ نہ رهي، بلڪ اهو هميشہ لاءِ ويران رهي.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan