Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 51:41 - Muslim Sindhi Bible

41 خداوند فرمائي ٿو تہ ”جنهن بابل جي واکاڻ جا سڄيءَ دنيا ۾ چرچا پيا هلن، سو بابل ڪيئن نہ قبضي هيٺ اچي ويندو! هائو، بابل قومن منجھہ ڪيئن نہ عبرت جو سبب بڻجي پوندو!

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

41 شيشڪ ڪيئن نہ وٺجي ويو آهي! ۽ ساري زمين جي تعريف ڪيئن نہ اوچتي پڪڙجي ويئي آهي! قومن منجهہ بابل ڪيئن نہ ويران ٿي ويو آهي!

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 51:41
15 Iomraidhean Croise  

هاڻ جيتوڻيڪ هيءَ هيڪل وڏي شان وَ شوڪت واري آهي، تڏهن بہ جيڪي اتان لنگھندا سي ان جي حالت ڏسي دهلجي ويندا ۽ چوندا تہ ’خداوند هن ملڪ سان ۽ هن هيڪل سان هيئن ڇو ڪيو آهي؟‘


بابل جيڪو سڀني بادشاهتن جي سونهن، ۽ پنهنجي رهاڪن جو فخر ۽ شان آهي، تنهن جو حال سدوم ۽ عموراہ جهڙو ٿيندو، جن کي خدا اونڌو ڪري ڇڏيو هو.


جڏهن اهو سڀ ڪجھہ ٿيندو تڏهن بابل جي بادشاهہ تي هي ٺٺوليون ڪري چيو ويندو تہ ”ظالم بادشاهہ ڪيئن نہ نيست وَ نابود ٿي ويو آهي! هاڻي هو وري ڪنهن تي بہ ظلم نہ ڪندو.


اترادي اوريان ۽ پريان سڀ بادشاهہ. مطلب تہ روءِزمين جي سڀني بادشاهتن کي هڪٻئي پٺيان خدا جي غضب جو اهو پيالو پيئاريم. انهن سڀني کان آخر ۾ بابل جي بادشاهہ کي بہ اهو پيالو پيئڻو پيو.


هائو، اهو مشهور شهر، جنهن تي آءٌ خداوند راضي رهندو هئس، سو هاڻي ويران ٿيڻ وارو آهي.


ڏسڻ وارا چوندا تہ ’سڄي دنيا کي ڀڃڻ وارو هٿوڙو ڪيئن نہ پاڻ ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو آهي! ڏسو، بابل ملڪ ڪيئن نہ دنيا ۾ عبرت جي جاءِ بڻجي ويو آهي!‘


بابل جي تباهيءَ جو شور ٻڌي سڄي ڌرتي ڏڪي ويندي. اتي جي رهاڪن جي رڙين جو آواز دنيا جي سڀني قومن تائين ٻڌو ويندو.“


پوءِ بابل ويران دڙا بڻجي ويندو. هائو، اهو گدڙن جي جُوءِ بڻبو. اهو هڪ اهڙي جاءِ بڻجي ويندو، جتي ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو. انهيءَ کي ڏسي ماڻهو دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا.


آس‌پاس ٻيٽن وارا توڙي ڪناري وارا سڀيئي ماڻهو اهو ڏسي دهلجي ويا آهن. سندن بادشاهن کي ڏاڍو خوف وٺي ويو آهي، ۽ منهن هيڊو ٿي ويو اٿن.


ڌرتيءَ تي رهندڙ سمورن انسانن ۽ سڀني جانورن توڙي پکين تي هن توهان کي حاڪم مقرر ڪيو آهي، پوءِ اهي کڻي ڪٿي بہ رهندا هجن. سو توهين ئي اهو سون جو مٿو آهيو.


اي بادشاهہ سلامت! اهو وڻ توهين ئي آهيو، جيڪي وڌي مضبوط ٿيا آهيو. توهان جي عظمت وڌي آسمان سان وڃي لڳي آهي ۽ توهان جي حاڪميت ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تائين وڃي پهتي آهي.


تڏهن چوڻ لڳو تہ ”ڇا هي اهو عظيم بابل شهر ناهي، جيڪو مون ئي پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان جوڙايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهو منهنجي گاديءَ جو شهر ۽ منهنجي شان وَ شوڪت جو نمونو ٿئي؟“


جن جن قومن ۾ خداوند اوهان کي وٺي ويندو، تن سڀني ۾ اوهين عبرت، پهاڪي ۽ چوڻيءَ جو سبب بڻبا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan