Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 51:40 - Muslim Sindhi Bible

40 هائو، ان حالت ۾ آءٌ هنن کي رڍن ۽ ٻڪرين وانگر ڪوس گھر ڏانهن وٺي ايندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

40 آءٌ هنن کي گهيٽن وانگي، ۽ گهٽن وانگي، ٻڪرن سميت ڪوس لاءِ آڻيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 51:40
6 Iomraidhean Croise  

پر بڇڙا ماڻهو برباد ٿي ويندا. خداوند جا دشمن چراگاهن جي ساوڪ وانگر نابود ٿيندا. هائو، اهي ائين گم ٿي ويندا جيئن دونهون هوا ۾ گم ٿيو وڃي.


تنهن هوندي بہ اسين تو خاطر روزانو موت جو منهن ڏسندا رهون ٿا. هائو، اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.


مون خداوند جي تلوار انهن جي رت، ۽ چرٻيءَ سان ائين ڀرجي ويندي، جيئن قربان‌گاهہ گھيٽن ۽ ٻڪرين جي رت سان ۽ گھٽن جي بڪين جي چرٻيءَ سان ڀرجي ويندي آهي. آءٌ خداوند بُصراہ شهر ۾ اهڙي قرباني ڪندس، بلڪ ادوم جي سڄي ملڪ ۾ اهڙو وڏو قتلام ڪندس.


تباهي مچائيندڙ لشڪر موآب جي شهرن تي ڪاهي ايندو، ۽ انهيءَ جي چونڊ جوان مردن کي قتل ڪيو ويندو. آءٌ ئي بادشاهہ آهيان، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي، ۽ هي سڀ آءٌ ئي ٿو چوان.


ان جي سڀني جوڌن جوانن کي ڏاندن جيان ڪهي ڇڏيو. ويل آهي انهن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ انهن جي سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي.“


اهي سپاهين جي لاشن کي کائيندا ۽ دنيا جي حڪمرانن جو رت پيئندا، ڇاڪاڻ تہ انهن سڀني کي ڪُٺو ويندو جيڪي بسن علائقي جي ٿلهين متارين رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن وانگر آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan