Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 51:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هو پنهنجي شهر جي گھٽين ۾ زخمن کان چور ۽ قتل ٿيا پيا هوندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ هو ڪسدين جي ملڪ ۾ قتل ٿي ڪرندا، ۽ اُن جي گهٽين ۾ گهايل ٿيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 51:4
6 Iomraidhean Croise  

پوءِ جيڪو بہ پڪڙيو ويندو، تنهن کي تلوار جي منهن ۾ ڏنو ويندو. هائو، جيڪو بہ گرفتار ڪيو ويندو تنهن کي قتل ڪيو ويندو.


پر اي بابل جا بادشاهہ! تو لاءِ تہ ڪو مقبرو ئي ڪونهي، بلڪ تون ائين اڇلايو ويو آهين، جيئن ڪو ڪراهت جهڙو مردار هجي. هائو، جيئن جنگ ۾ مارجي ويلن جا ڪپڙا ڦٽي ڪيا ويندا آهن، جيئن دشمنن جا لاش پهاڙي کڏ جي تري ۾ اڇلايا ويندا آهن، ۽ جيئن ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو آهي، تيئن ئي تنهنجي لاش کي بہ ڦٽو ڪيو ويو آهي.


انهيءَ ڏينهن ان جا نوجوان ماري گھٽين ۾ ڍير ڪيا ويندا، ۽ ان جا سڀ جنگي جوڌا قتل ڪيا ويندا.


تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ بابل جا جوان مرد پنهنجي شهر جي گھٽين ۾ ماريا ويندا، هائو، ان جا سڀ جنگي جوڌا انهيءَ ڏينهن ماريا ويندا.“


اوهان جي گھوڙن توڙي جنگي گھوڙي گاڏين تي بہ آءٌ تلوار کڙي ڪندس. اوهان جا ڌارين قومن وارا سمورا اتحادي بہ انهيءَ کان بچي نہ سگھندا، بلڪ اهي عورتن وانگر ڊڄڻا ٿي پوندا. منهنجي انهيءَ تلوار کان اوهان جا خزانا بہ بچي نہ سگھندا، بلڪ اهي لٽجي ڦرجي ويندا.


توڙي جو بابل کڻي آسمان تائين پهچي وڃي، ۽ پنهنجي اوچن قلعن کي مضبوط ڪري، تہ بہ آءٌ تباهي مچائيندڙ لشڪر مٿس چاڙهي آڻيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan