يرمياہ 51:34 - Muslim Sindhi Bible34 بيشڪ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم جي مال متاع سان پنهنجو پيٽ ڀري، يروشلم کي سکڻو ڀانڊو بڻائي ڇڏيو آهي، بلڪ انهيءَ کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو اٿائين. هو يروشلم کي ڳڙڪائي ويو، هائو، هو انهيءَ کي ازدها بلا وانگر ڳهي ويو. Faic an caibideilSindhi Bible34 بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر مون کي ڳڙڪائي ويو آهي، هن مون کي چپي ڇڏيو آهي، هن مون کي خالي ٿانوَ ڪري ڇڏيو اهي، هو مون کي ازدها وانگي ڳهي ويو آهي، هن منهنجن نعمتن سان پنهنجو پيٽ ڀريو آهي؛ هن مون کي اُڇلائي ڪڍي ڇڏيو آهي. Faic an caibideil |
تنهنڪري تون اڳڪٿي ڪندي انهن جبلن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي بني اسرائيل جي ملڪ جا جبلؤ! آسپاس وارين قومن جيڪي جنگ جي تباهيءَ کان بچي ويون هيون، تن اوهان تي قبضو ڪري هر طرف کان اوهان کي ناس ڪري ڇڏيو آهي ۽ اوهان کي ويران ڪيو اٿائون. انهيءَ ڪري ماڻهو هر هنڌ اوهان بابت گھٽ وڌ ڳالهائين پيا ۽ اوهان تي کل ٺٺولي ڪئي ٿي وڃي.