Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 51:32 - Muslim Sindhi Bible

32 ايتري قدر جو ندين جي گھاٽن تي بہ قبضا ٿي ويا آهن. ڍوري وارن ٻوڙن کي باهيون ڏنيون ويون آهن، ۽ پوري لشڪر ۾ حراس پئجي ويو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

32 ۽ لنگهڻ جون جايون اوچتيون ورتيون ويون آهن ۽ ڪانا ڪک باهہ ۾ ساڙي مچ ڪيا اٿن، ۽ جنگي ماڻهو ڊڄي ويا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 51:32
7 Iomraidhean Croise  

هاڻ ڀلي کڻي سمنڊ يا نديون انهيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجن، تہ بہ آءٌ هڪڙي ئي لفظ سان انهن کي بہ سڪائي ڇڏيندس.“


پر ڏس، اهي تہ پاڻ کي ئي شعلن جي پڪڙ کان ڇڏائي نہ سگھندا. اهي بُهہ جي ذرڙن وانگر ٿيندا، جن کي باهہ ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. انهن جي سڙڻ سان ڪو ٽانڊو ئي نہ ٺهندو، جو ڪو ماڻهو پاڻ کي گرم ڪري سگھي. هائو، انهيءَ ۾ ڪا تپش ئي نہ رهندي، جو ڪو ماڻهو انهيءَ جي اڳيان ويهي گرمائش وٺي سگھي.


بابل جا بهادر ڊڄي جنگ ڪرڻ کان پٺتي هٽي ويا آهن، ۽ وڃي پنهنجن قلعن ۾ لڪا آهن. هو پنهنجي همت هاري عورتن جهڙا ڊڄڻا ٿي پيا آهن. هوڏانهن دشمن سندن شهرن جي ڪوٽن جا دروازا ڀڃن ٿا، ۽ شهرن اندر گھڙي هر گھر کي باهہ ٿا ڏين.


هر طرف کان قاصدن پٺيان قاصد ڊوڙندا ٿا اچن، انهيءَ لاءِ تہ بابل جي بادشاهہ کي ٻڌائين تہ سندس سڄي شهر تي قبضو ٿي ويو آهي.


بابل شهر وارا اناج جي انهيءَ ول وانگر آهن، جنهن کي سندن دشمن ڳاهي ناس ڪرڻ وارا آهن، هائو، انهن جي لڻڻ جو وقت اچي پهتو آهي. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.“


بابل وارن هڪڙي هنڌان شهر جي ڀت ڀڳي. تنهن وقت جنگي جوڌا ان دروازي منجھان ڀڄي ٻاهر نڪري ويا جيڪو بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان گھٽيءَ ۾ هو، جڏهن تہ بابل وارا شهر جو گھيرو ڪيو بيٺا هئا. اهي اردن ماٿريءَ وارو رستو وٺي ڀڄڻ لڳا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan