Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 51:30 - Muslim Sindhi Bible

30 بابل جا بهادر ڊڄي جنگ ڪرڻ کان پٺتي هٽي ويا آهن، ۽ وڃي پنهنجن قلعن ۾ لڪا آهن. هو پنهنجي همت هاري عورتن جهڙا ڊڄڻا ٿي پيا آهن. هوڏانهن دشمن سندن شهرن جي ڪوٽن جا دروازا ڀڃن ٿا، ۽ شهرن اندر گھڙي هر گھر کي باهہ ٿا ڏين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

30 بابل جي بهادرن جنگ ڪرڻ کان منهن موڙيو آهي، اُهي پنهنجن قلعن ۾ رهيا پيا آهن: هن جي همت هارجي ويئي آهي؛ اُهي زالن جهڙا ٿي پيا آهن: اُن جي رهڻ جي جاين کي باهہ ڏيئي ساڙيو اٿن؛ اُن جي درن جا گز ڀڃي ڇڏيا اٿن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 51:30
16 Iomraidhean Croise  

بيشڪ هو پتل جا مضبوط دروازا بہ ٽوڙي ڇڏي ٿو، ۽ لوهہ جي سيخن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو.


ڇاڪاڻ تہ هُن تنهنجي دروازن جا گز مضبوط ڪيا آهن، ۽ تنهنجي رهاڪن کي برڪت عطا ڪئي اٿائين.


جنگي جوڌا اتي لُٽجي ويا آهن ۽ وڃي ابدي ننڊ ۾ ستا آهن، بيشڪ اهي زور وارا هئا پر سندن زورِ بازو بہ ڪم ڪين آيو.


جڏهن خداوند قادرِمطلق پنهنجي زورآور هٿ سان مصرين کي سزا ڏيندو، تڏهن اهي ڊپ وچان ڏڪندا ۽ کين دهشت وٺي ويندي. هائو، اهي عورتن جهڙا ڊڄڻا ٿي پوندا.


پر ڏس، اهي تہ پاڻ کي ئي شعلن جي پڪڙ کان ڇڏائي نہ سگھندا. اهي بُهہ جي ذرڙن وانگر ٿيندا، جن کي باهہ ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. انهن جي سڙڻ سان ڪو ٽانڊو ئي نہ ٺهندو، جو ڪو ماڻهو پاڻ کي گرم ڪري سگھي. هائو، انهيءَ ۾ ڪا تپش ئي نہ رهندي، جو ڪو ماڻهو انهيءَ جي اڳيان ويهي گرمائش وٺي سگھي.


ان جا سڀ شهر قبضي هيٺ اچي ويندا، ۽ مضبوط قلعا دشمن هٿ ڪري وٺندا. انهيءَ ڏينهن موآب جي بهادر مردن جي دلين ۾ اهڙي تہ دهشت هوندي، جهڙي ويم جي سورن واري عورت جي دل ۾ هوندي آهي.


مٿن هر طرف کان هڪلون ڪريو، انهن جا ڪوٽ قلعا ڀڃو ۽ ڀتيون ڊاهي پٽ ڪريو، تڏهن هو اچي پيش پوندا. بيشڪ اهو مون خداوند جو بدلو آهي، سو اوهين بہ کانئن بدلو وٺو، ۽ جيئن هنن ٻين سان ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ساڻن ڪريو.


ايتري قدر جو ندين جي گھاٽن تي بہ قبضا ٿي ويا آهن. ڍوري وارن ٻوڙن کي باهيون ڏنيون ويون آهن، ۽ پوري لشڪر ۾ حراس پئجي ويو آهي.


آءٌ بابل جي سردارن، ڏاهن، حاڪمن، سپهہ‌سالارن ۽ جنگي جوڌن کي سزا جو شراب پيئاري پيئاري مست ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ايڏو تہ نشو چڙهي وڃي، جو هو هميشہ واري ننڊ سمهي پون ۽ وري نہ جاڳن. اُهو آءٌ بادشاهہ ٿو چوان، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي.


صيئون جا دروازا بہ هيٺ ڪري ڌرتيءَ ۾ دٻجي ويا آهن، ۽ سندن تالا هڻڻ وارا گز ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا آهن. صيئون جا سڀيئي رهنمائي ڪندڙ گم ٿي ويا آهن. بادشاهہ ۽ شهر جا امير غير قومن ۾ جلاوطن ڪيا ويا آهن، شريعت جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪوبہ ڪونهي، ۽ نبين کي خداوند جي طرفان ڪا رويا ڪا نہ ٿي ملي.


آءٌ انهيءَ قلعي واري شهر دمشق جا دروازا ڀڃي ڇڏيندس، ۽ آون ماٿريءَ ۽ بيت‌عدن جي حڪمرانن توڙي رهاڪن کي نابود ڪري ڇڏيندس. پوءِ ارامين مان باقي بچيل قيد ٿي قير ملڪ ڏانهن نيا ويندا.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.


پنهنجي لشڪر تي تہ نگاهہ ڪر، اهي عورتن وانگر ٿي پيا اٿيئي. تنهنجي ملڪ جون سرحدون دشمنن لاءِ کُليون پيون اٿيئي، ڄڻ تہ تنهنجي دروازن جي گزن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي.


اهي سندس ايذاءَ ڏسي ڊپ وچان پري بيهي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اي وڏا ۽ مضبوط شهر بابل! تو کي هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سزا ڏني ويئي آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan