Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 51:29 - Muslim Sindhi Bible

29 جيئن تہ بابل جي خلاف مون خداوند جو هر ارادو قائم آهي، انهيءَ لاءِ تہ بابل جي ملڪ کي اهڙو ويران ڪري ڇڏيان، جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو نہ هجي، تنهنڪري زمين ڪنبي ٿي ۽ ڌڏي ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

29 ۽ زمين ڏڪي ٿي ۽ سورن ۾ آهي: ڇالاءِ جو خداوند جون رٿون بابل جي برخلاف قائم آهن، انهي لاءِ تہ بابل جي ملڪ کي اهڙو ويران ڪري جو ان ۾ ڪوبہ ماڻهو نہ رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 51:29
25 Iomraidhean Croise  

اتي مئل ماڻهو تو کي چتائي ڏسن ٿا، ۽ حيرت وچان چون ٿا تہ ’هي اهو ئي ماڻهو آهي ڇا، جنهن ڌرتيءَ کي ٿي ڏڪايو، ۽ بادشاهتن کي لوڏي ٿي ڇڏيائين؟


ان وقت ڌرتي نشئي ماڻهوءَ وانگر ٿڙندي ٿاٻڙندي، اها طوفان ۾ لڏندڙ جھوپڙيءَ وانگر هيڏي هوڏي لڏندي. سندس گناهن جو مٿس ايترو تہ ڳرو بار هوندو، جو اها اهڙي ڪرندي جو وري اُٿي نہ سگھندي.


پر اي خداوند! تون سچو خدا آهين، تون جيئرو خدا ۽ قائم وَ دائم بادشاهہ آهين. جڏهن تون ڪاوڙجين ٿو تہ دنيا ڪنبي ٿي وڃي، ۽ قومون تنهنجي ڪاوڙ سهي نہ ٿيون سگھن.


خداوند جي ڪاوڙ ڪري اُهو وري آباد نہ ٿيندو، بلڪ صفا ويران ٿي ويندو. بابل وٽان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا ۽ ان تي آيل سڀيئي آفتون ڏسي دهلجي ويندا.


آءٌ اوهان جي ڪوڙين اڳڪٿي ڪندڙن تي بہ اها تلوار کڙي ڪندس، جنهن مان ثابت ٿيندو تہ اهي بي‌وقوف آهن. اوهان جا بهادر مرد بہ انهيءَ تلوار کان بچي نہ سگھندا، ۽ منجھن خوف وَ حراس ڦهلجي ويندو.


بابل جي بادشاهہ هنن جي هاڪ ٻڌي آهي، ان ڪري سندس ڍڍر ڍرا ٿي پيا آهن. کيس ذهني پريشانيءَ اچي وڪوڙيو آهي ۽ ويم ڪندڙ عورت جيان سورن اچي ورايو اٿس.


تنهنڪري مون خداوند بابل شهر ۾ رهڻ وارن بلڪ بابل ملڪ جي سڀني رهاڪن خلاف جيڪي رٿيو آهي سو ٻڌو. اوهان جا ٻارڙا اوهان مان ائين ڇڪي ڪڍيا ويندا جيئن ڪنهن ڌڻ مان رڍن جا ٻچا گهلي ڪڍبا آهن. يقيناً ائين ئي ٿيندو، جنهن کي ڏسي اوهان مان هر ڪنهن کي دهشت وٺي ويندي.


بابل جي تباهيءَ جو شور ٻڌي سڄي ڌرتي ڏڪي ويندي. اتي جي رهاڪن جي رڙين جو آواز دنيا جي سڀني قومن تائين ٻڌو ويندو.“


ايتري قدر جو تنهنجي ڍير مان ڪوبہ پٿر جاءِ ٺاهڻ يا پيڙهہ جو پٿر رکڻ لاءِ ڪڏهن بہ ڪونہ کنيو ويندو. بلڪ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ تون هميشہ جي لاءِ ويران رهندين.


مادئين جي بادشاهن کي ٻڌايو وڃي تہ اهي پنهنجن سالارن ۽ سندن سڀني نائبن کي تيار ڪن، ۽ انهن سڀني ملڪن کي پڻ، جن تي هو حڪمران آهن، انهيءَ لاءِ تہ سڀيئي قومون وڙهڻ لاءِ تيار ٿي وڃن.


پوءِ بابل ويران دڙا بڻجي ويندو. هائو، اهو گدڙن جي جُوءِ بڻبو. اهو هڪ اهڙي جاءِ بڻجي ويندو، جتي ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو. انهيءَ کي ڏسي ماڻهو دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا.


ان جا شهر عبرت جو سبب بڻجي ويندا. اهي هڪ اهڙي خشڪ زمين ۽ رڻ‌پٽ ٿي ويندا، جتي ڪوبہ انسان نہ رهندو هجي، ۽ نہ وري اتان ڪو لنگھي سگھندو هجي.


ڇاڪاڻ تہ ٻڌڻ ۾ ٿو اچي تہ دشمنن جا گھوڙا دان شهر ۾ پهچي ڦوڪارين پيا. هائو، هنن جي جنگي گھوڙن جي هڻڪار جي آواز تي سڄي ملڪ کي ڏڪڻي وٺي وڃي ٿي. اهي دشمن ان لاءِ آيا آهن تہ اهو ملڪ ۽ جيڪي منجھس آهي ۽ شهر ۽ جيڪي منجھن رهن ٿا تن سڀني کي ڳهي وڃن.“


انهن جي اچڻ سان ڌرتي ڌُڏي ويندي، ۽ آسمان ڏڪي ويندو. هنن آڏو سج توڙي چنڊ اونداها ٿي ويندا، ۽ تارن مان چمڪ ختم ٿي ويندي.


پوءِ انهيءَ سبب زمين نہ ڏڪندي ڇا؟ ۽ انهيءَ تي رهندڙ سڀيئي ماتم نہ ڪندا ڇا؟ هائو، اها زمين مصر جي نيل نديءَ جي پاڻيءَ وانگر هيٺ مٿي ٿيندي.


هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan