Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 51:26 - Muslim Sindhi Bible

26 ايتري قدر جو تنهنجي ڍير مان ڪوبہ پٿر جاءِ ٺاهڻ يا پيڙهہ جو پٿر رکڻ لاءِ ڪڏهن بہ ڪونہ کنيو ويندو. بلڪ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ تون هميشہ جي لاءِ ويران رهندين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

26 ۽ ماڻهو تو مان ڪنڊ جي لاءِ يا بنياد جي لاءِ ڪوبہ پهڻ نہ کڻندا؛ پر خداوند ٿو فرمائي، تہ تون هميشہ جي لاءِ ويران رهندين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 51:26
10 Iomraidhean Croise  

آءٌ قادرِمطلق خداوند بابل کي فنا جي ٻهاريءَ سان مِٽائي صاف ڪري ڇڏيندس. انهيءَ کي آءٌ ويران ڪري پير ٻوڙ پاڻيءَ ۽ گپ واري زمين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندس، جتي ٻگھہ پيا رهندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ’پوءِ جڏهن اهي ستر سال پورا ٿيندا تڏهن آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس سڄي قوم کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيندس ۽ آءٌ سندن ملڪ کي هميشہ لاءِ ويران ڪري ڇڏيندس.


جيئن تہ بابل جي خلاف مون خداوند جو هر ارادو قائم آهي، انهيءَ لاءِ تہ بابل جي ملڪ کي اهڙو ويران ڪري ڇڏيان، جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو نہ هجي، تنهنڪري زمين ڪنبي ٿي ۽ ڌڏي ٿي.


پوءِ بابل ويران دڙا بڻجي ويندو. هائو، اهو گدڙن جي جُوءِ بڻبو. اهو هڪ اهڙي جاءِ بڻجي ويندو، جتي ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو. انهيءَ کي ڏسي ماڻهو دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا.


ان جا شهر عبرت جو سبب بڻجي ويندا. اهي هڪ اهڙي خشڪ زمين ۽ رڻ‌پٽ ٿي ويندا، جتي ڪوبہ انسان نہ رهندو هجي، ۽ نہ وري اتان ڪو لنگھي سگھندو هجي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan