Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 51:25 - Muslim Sindhi Bible

25 اي بابل! تون جبل جيان مضبوط لڳندو هئين، ڇاڪاڻ تہ تون سڀني قومن کي چيڀاٽي ناس ڪندو هئين. پر آءٌ خداوند تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ تو کي پڪڙي گهلي کڻي پٽ تي اڇلائيندس، ۽ تو کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

25 خداوند ٿو فرمائي تہ اي ناس ڪندڙ جبل، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، جو تون سڄي زمين کي ناس ٿو ڪرين: ۽ آءٌ پنهنجو هٿ توتي ڊگهيريندس ۽ ٽڪرن مان توکي ليٽائيندس ۽ توکي هڪڙو سڙيل جبل ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 51:25
18 Iomraidhean Croise  

پوءِ هنن چيو تہ ”اچو تہ هڪڙو شهر ۽ هڪڙو منارو ٺاهيون جنهن جي چوٽي آسمان تائين وڃي پهچي. اهڙيءَ طرح پنهنجو نالو قائم ڪريون، متان پوءِ اسين سڄيءَ دنيا ۾ پري پري پکڙجي وڃون.“


توڙي جو آءٌ مصيبتن مان ٿو گذران، تہ بہ تون مون کي محفوظ رکين ٿو، ۽ منهنجي دشمنن جي ڪاوڙ خلاف تون مٿن هٿ کڻين ٿو. بيشڪ تنهنجو زورآور هٿ مون کي بچائي وٺي ٿو.


خداوند بابل تي حملو ڪندڙن کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين ويران جبل جي چوٽيءَ تان جنگ جو جھنڊو بلند ڪريو. اوهين وڏي آواز سان حڪم جاري ڪريو، ۽ پنهنجو هٿ بلند ڪري اشارو ڏيو تہ جنگي جوڌا مغرورن جي شهر بابل جي دروازن تي حملو ڪري منجھس گھڙي وڃن.


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ’پوءِ جڏهن اهي ستر سال پورا ٿيندا تڏهن آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس سڄي قوم کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيندس ۽ آءٌ سندن ملڪ کي هميشہ لاءِ ويران ڪري ڇڏيندس.


سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


مون خداوند پنهنجي اسلح خاني جا در کوليا آهن، ۽ پنهنجي غضب جا هٿيار ڪڍي آندا اٿم، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند، قادرِمطلق خدا کي اوهان بابلين جي ملڪ ۾ هڪ ڪم ڪرڻو آهي.


خداوند قادرِمطلق خدا فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا مغرور رهاڪؤ! ياد رکو، آءٌ اوهان جي خلاف آهيان، اوهان جي برباديءَ جو ڏينهن اچي پهتو آهي، ۽ هاڻي اوهان کي سزا ڏني ويندي.


توڙي جو بابل کڻي آسمان تائين پهچي وڃي، ۽ پنهنجي اوچن قلعن کي مضبوط ڪري، تہ بہ آءٌ تباهي مچائيندڙ لشڪر مٿس چاڙهي آڻيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڏسو، بابل جي ڪوٽ جون ٿلهيون ڀتيون ڊهي پونديون، ۽ ان جا اوچا دروازا ساڙي رک ڪيا ويندا. اهڙيءَ طرح ان قوم جو پورهيو اجايو ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ باهہ جي شعلن ۾ اڏامي ويندو. اهو مون قادرِمطلق خداوند جو فرمان آهي.“


بابل خداوند جي هٿ ۾ مئي جي هڪڙي سوني پيالي مثل رهيو آهي، جنهن مان مئي پي سڄيءَ دنيا وارا مست ٿي پيا آهن. هائو، قومن ان مئي مان پئي پيتو آهي، تنهنڪري اهي ديوانيون ٿي پيون آهن.


تڏهن چوڻ لڳو تہ ”ڇا هي اهو عظيم بابل شهر ناهي، جيڪو مون ئي پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان جوڙايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهو منهنجي گاديءَ جو شهر ۽ منهنجي شان وَ شوڪت جو نمونو ٿئي؟“


جبل جيڏيون رڪاوٽون بہ تنهنجي اڳيان پٽ پڌر ٿي وينديون. تون هيڪل ٺهرائيندين ۽ جڏهن تون هيڪل جي چوٽيءَ تي آخري پٿر آڻي رکندين، تڏهن ماڻهو نعرا هڻي چوندا تہ ’خدا جو شڪر آهي! خدا جو شڪر آهي!‘“


ياد رکو، خداوند جو ڏينهن چور وانگر اوچتو ايندو. انهيءَ ڏينهن جڏهن آسماني شيون سخت باهہ جي ڪري ڳري ناس ٿي وينديون، تڏهن آسمان وڏي ڪڙڪي سان ختم ٿي ويندا ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آهي سو سڀ سڙي ناس ٿي ويندو.


ٻئي ملائڪ توتارو وڄايو تہ ڄڻ باهہ سان ٻرندڙ هڪڙو وڏو جبل سمنڊ ۾ اڇلايو ويو تہ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan