يرمياہ 51:22 - Muslim Sindhi Bible22 تنهنجي ذريعي مون مردن ۽ عورتن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، تنهنجي ذريعي مون پوڙهن توڙي جوانن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، تنهنجي ذريعي مون ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. Faic an caibideilSindhi Bible22 ۽ تو سان آءٌ گاڏيءَ کي، ۽ جيڪو منجهس چڙهيل آهي تنهن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس؛ ۽ توسان آءٌ مرد توڙي زال کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس؛ ۽ تو سان آءٌ پير مرد توڙي جوان کي پرزا پرزا ڪندس؛ ۽ تو سان آءٌ ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس؛ Faic an caibideil |
پر اي خداوند! انهيءَ سبب هنن خلاف تنهنجي ڪاوڙ مون ۾ ايتري تہ ڀرجي ويئي آهي، جو هاڻ آءٌ انهيءَ ڪاوڙ کي وڌيڪ روڪي نہ ٿو سگھان.“ تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”وڃي گھٽين ۾ گڏ ٿيل ٻارن، ۽ جوان ماڻهن جي مجلسن تي اُها اُٽلاءِ، مرد توڙي عورتون، پوڙها توڙي عمررسيدہ، سڀ انهيءَ ۾ ڦاسي پوندا، ڪوبہ انهيءَ کان بچي نہ سگھندو.