يرمياہ 51:20 - Muslim Sindhi Bible20 خداوند چوي ٿو تہ ”اي بابل! تون منهنجو هٿوڙو هئين، تنهنجي ذريعي مون قومن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. هائو، تون جنگ جي لاءِ منهنجو هٿيار هئين، تنهنجي ذريعي مون بادشاهتون ناس ڪري ڇڏيون. Faic an caibideilSindhi Bible20 تون منهنجي جنگي تبر آهين ۽ جنگ جا هٿيار آهين: تو سان آءٌ قومن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندس؛ ۽ تو سان آءٌ بادشاهتون ناس ڪري ڇڏيندس؛ Faic an caibideil |
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جا رهاڪؤ! اُٿو ۽ پنهنجي دشمنن کي لتاڙي ڇڏيو. آءٌ اوهان کي اهڙي ڏاند وانگر مضبوط بڻائيندس، جنهن کي لوهہ جا سڱ ۽ پتل جا کُر هجن. اوهين گھڻين ئي قومن کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندا، ۽ انهن جو مالِغنيمت مون خداوند لاءِ وقف ڪندا. هائو، اوهين انهن جي دولت مون ربالعالمين جي حضور ۾ آڻي پيش ڪندا.“