يرمياہ 51:2 - Muslim Sindhi Bible2 هائو، آءٌ بابل ڏانهن اهي ڌاريون قومون موڪليندس، جيڪي ان کي ائين اُڏائي ڇڏينديون، جيئن هوا ڪک ڪانا اڏائي ڇڏيندي آهي. جڏهن اها مصيبت مٿس ايندي، تڏهن اهي قومون کيس چئني طرفن کان وڪوڙي ڇڏينديون، ۽ ملڪ کي ويران ڪري ڇڏينديون. Faic an caibideilSindhi Bible2 ۽ آءٌ بابل ڏي اُهي ڌاريا ماڻهو موڪليندس، جي ان کي واءُ هڻندا؛ ۽ اُهي ان جي زمين خالي ڪري ڇڏيندا: ڇالاءِ جو مصيبت جي ڏينهن اُهي چوڌاري سندس برخلاف بيهي ويندا. Faic an caibideil |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا دشمنؤ! نہ رڳو ماهر تيراندازن، بلڪ هر تيرڪمان ڇڪيندڙ کي بابل سان وڙهڻ لاءِ آڻي گڏ ڪريو. بابل شهر جي چوڌاري گھيرو ڪري ويهو، ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو. جهڙا هنن ڪم ڪيا آهن، تهڙي ئي کين سزا ڏيو، هائو، جيئن پاڻ ڪيو اٿائون، تيئن ئي ساڻن ڪريو. جيئن تہ هن مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود سان سينو ساهيو آهي،