يرمياہ 51:14 - Muslim Sindhi Bible14 قادرِمطلق خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي چيو آهي تہ ”يقيناً آءٌ ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان گھڻا ئي لشڪر آڻيندس جيڪي بابل تي حملو ڪري انهيءَ کي شڪست ڏيندا ۽ فتح جا نعرا هڻندا.“ Faic an caibideilSindhi Bible14 لشڪرن جي خداوند پنهنجي ذات جو قسم کنيو آهي ۽ چيو اٿس، تہ آءٌ توکي ضرور ماڻهن سان اهڙو ڀريندس جيئن مڪڙن سان؛ ۽ اُهي توتي هڪلون ڪري ايندا. Faic an caibideil |
اي سڀني قومن وارؤ! اوهين انهيءَ ملڪ تي حملي لاءِ هڪڙو جھنڊو کڙو ڪريو. پنهنجين قومن منجھہ نفيل وڄائي، انهن کي بابل جي خلاف جنگ لاءِ تيار ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط، مِنِي ۽ اشڪناز جي بادشاهتن جي لشڪرن کي سڏي گڏ ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہسالار مقرر ڪريو. ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان گھوڙن وارا لشڪر مٿس چاڙهي آڻيو.