Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 51:12 - Muslim Sindhi Bible

12 بابل جي ڀتين جي سامهون حملي لاءِ جھنڊو کڙو ڪريو. پهري واريون چونڪيون مضبوط ڪريو، تاڙ رکندڙ مقرر ڪريو، حملي لاءِ لڪي ويهڻ جون جايون تيار ڪريو.“ بيشڪ خداوند پنهنجو مقصد ضرور پورو ڪندو، جيڪو هن بابل وارن جي خلاف رٿيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 بابل جي ڀتين جي سامهون هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو، پهرو مضبوط ڪريو، پهري وارا مقرر ڪريو، لڪي ويهڻ جون جايون تيار ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند بابل جي رهاڪن جي نسبت ۾ جيڪي چيو هو، اُن موجب رٿيو بہ آهي، ۽ ڪيو بہ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 51:12
18 Iomraidhean Croise  

جيڪڏهن خداوند ڪنهن جي خلاف آهي تہ ڪابہ ڏاهپ، سوچ سمجھہ يا صلاح مصلحت ڪم نہ ٿي اچي.


خداوند غير قومن کي ڏيکارڻ لاءِ انهيءَ بادشاهہ جو جھنڊو کڙو ڪندو، جنهن بعد اسرائيل توڙي سڄي يهوداہ ملڪ جي جلاوطن ٿيل ماڻهن کي موٽائي آڻي گڏ ڪندو، جيڪي ڌرتيءَ جي چئني پاسن تي ٽڙيل پکڙيل هوندا.


خداوند بابل تي حملو ڪندڙن کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين ويران جبل جي چوٽيءَ تان جنگ جو جھنڊو بلند ڪريو. اوهين وڏي آواز سان حڪم جاري ڪريو، ۽ پنهنجو هٿ بلند ڪري اشارو ڏيو تہ جنگي جوڌا مغرورن جي شهر بابل جي دروازن تي حملو ڪري منجھس گھڙي وڃن.


خداوند جي ڪاوڙ تيستائين نہ هٽندي، جيستائين هو پنهنجو ارادو پورو نہ ڪندو. اچڻ وارن ڏينهن ۾ اوهين اها ڳالهہ چڱيءَ طرح سمجھي ويندا.


انهيءَ سبب ڌرتي ماتم ڪندي ۽ آسمان ڪاراٽجي ويندو. آءٌ اهو فيصلو ڪري چڪو آهيان ۽ پنهنجو ارادو نہ بدلائيندس.“


”تون قومن منجھہ ظاهر ڪر ۽ منجھن اعلان ڪر، هڪڙو جھنڊو کڙو ڪري پڌرائي ڪر ۽ ڪجھہ بہ نہ لڪاءِ، چئُہ تہ ’بابل قبضي هيٺ اچي ويو آهي، ان جي رهاڪن جو معبود مردوڪ خوار خراب ڪيو ويو آهي. هائو، سندن انهيءَ ديوتا کي ڊاهي ڪيرايو ويو آهي، ۽ سندس ڪراهت جهڙا بت ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيا ويا آهن.‘


مون خداوند پنهنجي اسلح خاني جا در کوليا آهن، ۽ پنهنجي غضب جا هٿيار ڪڍي آندا اٿم، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند، قادرِمطلق خدا کي اوهان بابلين جي ملڪ ۾ هڪ ڪم ڪرڻو آهي.


خداوند مادئين جي بادشاهن کي اُڀاريو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي بابل کي ناس ڪري ڇڏين. ائين خداوند پنهنجي هيڪل جي برباديءَ جو بدلو وٺندو. سو انهن جا سپهہ‌سالار پنهنجي لشڪر کي حڪم ٿا ڏين تہ ”تير تکا ڪريو، ڍالون کڻي سوگھيون ڪريو.


اي سڀني قومن وارؤ! اوهين انهيءَ ملڪ تي حملي لاءِ هڪڙو جھنڊو کڙو ڪريو. پنهنجين قومن منجھہ نفيل وڄائي، انهن کي بابل جي خلاف جنگ لاءِ تيار ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط، مِنِي ۽ اشڪناز جي بادشاهتن جي لشڪرن کي سڏي گڏ ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہ‌سالار مقرر ڪريو. ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان گھوڙن وارا لشڪر مٿس چاڙهي آڻيو.


جيئن تہ بابل جي خلاف مون خداوند جو هر ارادو قائم آهي، انهيءَ لاءِ تہ بابل جي ملڪ کي اهڙو ويران ڪري ڇڏيان، جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو نہ هجي، تنهنڪري زمين ڪنبي ٿي ۽ ڌڏي ٿي.


بيشڪ اهو جيڪي ڪجھہ ٿيو آهي، تنهن بابت خداوند اڳ ۾ ئي آگاهہ ڪري ڇڏيو هو. هائو، هن پنهنجي انهيءَ قول کي پورو ڪري ڏيکاريو، جيڪو هن قديم زماني ۾ فرمايو هو. هن بنا ڪنهن رحم جي تو کي برباد ڪري ڇڏيو، ۽ تنهنجي دشمنن کي تو تي خوش ٿيڻ ڏنو. هن تنهنجي مخالفن جي لشڪرن جي طاقت کي وڌائي ڇڏيو.


تڏهن آءٌ سڀني قومن کي عدالت واري ماٿريءَ ۾ آڻي گڏ ڪندس. اتي آءٌ سندن عدالت ڪندس ۽ جيڪي ڪجھہ هنن منهنجي قوم سان ڪيو آهي تنهن جو کانئن حساب ڪتاب وٺندس. هنن منهنجي قوم بني اسرائيل کي ڌارين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن ملڪ کي ورهائي ڇڏيو اٿائون.


اي نينواہ! تون ڀلي پنهنجي قلعي جي حفاظت ڪر، ۽ رستي ڏانهن نظر رک، تون ڀلي پنهنجو سندرو ٻڌي تيار ٿيءُ، ۽ پنهنجي سموري طاقت هڪ هنڌ جمع ڪر. مگر تون بچي نہ سگھندين، ڇو تہ تو کي تباهہ ڪندڙ تو ڏانهن وڌندو ٿو اچي.


جڏهن عئيءَ جي بادشاهہ کي اها خبر پيئي تڏهن هو پاڻ ۽ سندس شهر جا ماڻهو صبح جو سوير اُٿي تڙ‌تڪڙ ۾ تياري ڪري اردن ماٿريءَ جي سامهون بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيا. پر کين اها خبر ڪانہ هئي تہ ڪي ماڻهو شهر جي پٺيان بہ لڪا ويٺا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan