يرمياہ 51:1 - Muslim Sindhi Bible1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”ياد رکو، بابل ملڪ ۽ ان جا سڀ رهاڪو جيڪي منهنجا مخالف آهن، تن تي آءٌ طوفاني هوا جيان تباهي مچائيندڙ لشڪر آڻڻ وارو آهيان. Faic an caibideilSindhi Bible1 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ بابل تي ۽ ليپ ڪمائي جي رهاڪن تي ناس ڪندڙ واچ اُٿاريندس. Faic an caibideil |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا دشمنؤ! نہ رڳو ماهر تيراندازن، بلڪ هر تيرڪمان ڇڪيندڙ کي بابل سان وڙهڻ لاءِ آڻي گڏ ڪريو. بابل شهر جي چوڌاري گھيرو ڪري ويهو، ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو. جهڙا هنن ڪم ڪيا آهن، تهڙي ئي کين سزا ڏيو، هائو، جيئن پاڻ ڪيو اٿائون، تيئن ئي ساڻن ڪريو. جيئن تہ هن مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود سان سينو ساهيو آهي،