Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 50:45 - Muslim Sindhi Bible

45 تنهنڪري مون خداوند بابل شهر ۾ رهڻ وارن بلڪ بابل ملڪ جي سڀني رهاڪن خلاف جيڪي رٿيو آهي سو ٻڌو. اوهان جا ٻارڙا اوهان مان ائين ڇڪي ڪڍيا ويندا جيئن ڪنهن ڌڻ مان رڍن جا ٻچا گهلي ڪڍبا آهن. يقيناً ائين ئي ٿيندو، جنهن کي ڏسي اوهان مان هر ڪنهن کي دهشت وٺي ويندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

45 تنهن ڪري جيڪا مصلحت خداوند بابل جي برخلاف ڪئي آهي سا اوهين ٻڌو؛ ۽ هن جا ارادا، جي هن ڪسدين جي ملڪ جي برخلاف ڪيا آهن؛ يقين آهي تہ هو انهن کي گهلي ويندا، يعني ڌڻ جي ٻچن کي؛ يقين آهي تہ هو انهن جي رهڻ جي جاءِ ساڻن گڏ ويران ڪري ڇڏيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 50:45
9 Iomraidhean Croise  

پوءِ بابلين جو لشڪر جيڪو اوهان تي حملو ڪري ايندو، تنهن کي جيڪڏهن اوهين شڪست بہ کڻي ڏيو ۽ سندن خيمي‌گاهہ ۾ رڳو زخمي ئي وڃي بچن، تہ بہ اهي ٻاهر نڪري هن شهر کي ضرور ساڙي ڇڏيندا.“


تنهنڪري خداوند تيمان شهر ۾ رهڻ وارن بلڪ ادوم ملڪ جي سڀني رهاڪن خلاف جيڪي رٿيو آهي سو ٻڌو. اوهان جا ٻارڙا اوهان مان ائين ڇڪي ڪڍيا ويندا جيئن ڪنهن ڌڻ مان رڍن جا ٻچا گهلي ڪڍبا آهن. يقيناً ائين ئي ٿيندو، جنهن کي ڏسي اوهان مان هر ڪنهن کي دهشت وٺي ويندي.


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل هو سو پورو ٿئي.


خدا اسان کي بہ اڳي ئي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري مسيح ۾ شامل ڪيو. اهو خدا جي ارادي موجب ٿيو جيڪو انهن سڀني ڳالهين ۾ پنهنجي مرضي پوري ڪري ٿو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan