Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 50:43 - Muslim Sindhi Bible

43 بابل جي بادشاهہ هنن جي هاڪ ٻڌي آهي، ان ڪري سندس ڍڍر ڍرا ٿي پيا آهن. کيس ذهني پريشانيءَ اچي وڪوڙيو آهي ۽ ويم ڪندڙ عورت جيان سورن اچي ورايو اٿس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

43 بابل جي بادشاهہ هنن جي ناموس ٻڌي آهي ۽ انهي جا هٿ ڍرا ٿا ٿين: ڏکن ۽ سورن انهي کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 50:43
8 Iomraidhean Croise  

سوچي سمجھي ٻڌايو تہ ڇا ڪو مرد بہ ٻار ڄڻيندو آهي؟ تہ پوءِ ڇو آءٌ ڏسان ٿو تہ هر مرد کي پنهنجي ڍاڪن تي هٿ آهن، جيئن ڪا سورن واري عورت ڪندي آهي؟ ڇو هر چهرو خوف وچان ڦري ڦڪو ٿي پيو آهي؟


ڏسو، دشمن لشڪر عقاب وانگر اڏامندو ۽ بُصراہ مٿان پنهنجا پر پکيڙيندو. انهيءَ ڏينهن ادوم جي بهادر مردن جي دل ۾ اهڙي تہ دهشت هوندي، جهڙي ويم جي سورن واري عورت جي دل ۾ هوندي آهي.


’دمشق وارا هيڻا ٿي پيا آهن، ۽ دشمن لشڪر اڳيان ڀڄي نڪتا آهن. خوف وچان کين ڏڪڻيءَ اچي ورايو آهي. سو کين اهڙي تڪليف ۽ درد اچي سوگھو ڪيو آهي، جيئن ڪا عورت ويم جي سورن ۾ هجي.‘


هر طرف کان قاصدن پٺيان قاصد ڊوڙندا ٿا اچن، انهيءَ لاءِ تہ بابل جي بادشاهہ کي ٻڌائين تہ سندس سڄي شهر تي قبضو ٿي ويو آهي.


يروشلم وارا چون ٿا تہ ”اسان هنن جي هاڪ ٻڌي آهي، ان ڪري اسان جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا آهن. اسان کي ذهني پريشانيءَ اچي وڪوڙيو آهي ۽ ويم ڪندڙ عورت جيان سورن اچي ورايو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan