Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 50:42 - Muslim Sindhi Bible

42 اهي تيرڪمانن ۽ تلوارن سان مسلح آهن. اهي ظالم آهن ۽ منجھن ڪوبہ رحم ڪونهي. جڏهن هو گھوڙن تي سوار ٿي اوهان سان وڙهڻ لاءِ اچن ٿا، تڏهن سندن لشڪر جو آواز ائين ٿو لڳي، جيئن سمنڊ گجگوڙ ڪندو هجي. اي بابل وارؤ! اهي جنگي جوڌا اوهان سان جنگ ڪرڻ لاءِ هٿيار ٻڌي اچن پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

42 اُهي ڪمان ۽ نيزو کڻن ٿا؛ اُهي ظالم آهن ۽ ڪوبہ رحم ڪونہ اٿن: انهن جو آواز سمنڊ وانگي گوڙ ٿو ڪري، ۽ اُهي گهوڙن تي چڙهن ٿا؛ اي بابل جي ڌيءَ، سڀڪو توتي جنگي بهادر وانگي سنبريو اچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 50:42
23 Iomraidhean Croise  

جڏهن خدا جو آواز گونجي ٿو، تڏهن قومن ۾ دهشت اچي پوي ٿي، بادشاهتن ۾ لوڏو اچي ٿو ۽ زمين ڳري وڃي ٿي.


تون اسان سان ٻڌل پنهنجي عهد جو ڀرم سدائين قائم رک، ڇو تہ دنيا جي اونداهن هنڌن تي ظالم دشمن لڪا ويٺا آهن.


اهي غصي وچان غير قوم وارن کي پيا ماريندا ڪٽيندا هئا، ۽ غضبناڪ بڻجي مٿن حڪومت ڪندا هئا. اهي انهن ماڻهن تي ظلم پيا ڪندا هئا، جن تي فتح حاصل ڪندا هئا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جي وسندي! تون جيڪا هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ مثل آهين، ۽ ڪنهن تو کي هٿ بہ نہ لاتو آهي، سا هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ. هائو، تون تخت تان لهي پٽ تي ويهہ، ڇاڪاڻ تہ آئيندہ تو کي نازڪ ۽ نازنين ڪنواري ڪڏهن بہ نہ سڏيو ويندو، بلڪ هاڻي تون غلام ٿيندينءَ.


آءٌ پنهنجي قوم سان ڪاوڙيل هئس، سو انهن کي خوار خراب ڪري سندن ملڪ سميت تنهنجي حوالي ڪيم. تو انهن تي ڪو رحم نہ ڪيو، بلڪ تون ٻڍن تي بہ ظلم ڪرڻ کان باز نہ آئينءَ.


انهن جا تير تکا آهن، ۽ سندن تيرڪمانن تي زِهُون چڙهيل آهن. انهن جي گھوڙن جا سنب لوهہ جهڙا سخت آهن، ۽ سندن گاڏين جا ڦيٿا واچوڙي وانگر تيز آهن.


جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن اهي بني اسرائيل مٿان اهڙي گجگوڙ ڪندي اچي ڪڙڪندا، جيئن سمنڊ جي گجگوڙ هوندي آهي. ملڪ ۾ هر طرف رڳو اونداهي ۽ مصيبت ڏسڻ ۾ ايندي، ڇاڪاڻ تہ سندن قدمن سان اٿيل مٽيءَ جي ڪڪرن جي ڪري روشني بہ اونداهيءَ ۾ بدلجي ويندي.


اوهان جي سڀني اتحادين اوهان کي وساري ڇڏيو آهي، اهي اوهان جي سار ڪين ٿا لهن. مون اوهان کي اهڙو ڌڪ هنيو آهي، جهڙو ڪو دشمن ڪنهن کي هڻي، ۽ اهڙي سزا ڏني اٿم جهڙي ڪو ظالم ڪنهن کي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جون بدڪاريون تمام گھڻيون آهن، ۽ اوهان جا گناهہ بي‌شمار آهن.


هائو، دشمن جي جنگي گھوڙن جي سنبن جي آواز تي، جنگي گھوڙي گاڏين جي ڪڙڪي تي، ۽ انهن جي ڦيٿن جي کڙڪي تي، خوف وچان پيئرن جا هٿ لولا لنگڙا ٿي پوندا، ايتري قدر جو هو ڀڄندي ڀڄندي پنهنجن ٻارن جي مدد لاءِ بہ نہ موٽندا.


اي تيراندازؤ! اوهين سڀ بابل جي چوڌاري صفون ٻڌي بيهو. مٿس تير وسايو ۽ ڪوبہ تير باقي بچائي نہ رکو، ڇاڪاڻ تہ بابل وارن مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.


ڏسو، آءٌ اتر وارن ملڪن مان وڏين وڏين قومن جو هڪڙو جٿو اڀاري بابل تي چاڙهي آڻيندس. هو ان جي سامهون صفون ٻڌي بيهندا ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري وٺندا. هنن جا تيرانداز ايترا تہ ماهر هوندا، جو سندن هڪڙو بہ تير نہ گسندو.


اي سڀني قومن وارؤ! اوهين انهيءَ ملڪ تي حملي لاءِ هڪڙو جھنڊو کڙو ڪريو. پنهنجين قومن منجھہ نفيل وڄائي، انهن کي بابل جي خلاف جنگ لاءِ تيار ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط، مِنِي ۽ اشڪناز جي بادشاهتن جي لشڪرن کي سڏي گڏ ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہ‌سالار مقرر ڪريو. ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان گھوڙن وارا لشڪر مٿس چاڙهي آڻيو.


ڇاڪاڻ تہ ٻڌڻ ۾ ٿو اچي تہ دشمنن جا گھوڙا دان شهر ۾ پهچي ڦوڪارين پيا. هائو، هنن جي جنگي گھوڙن جي هڻڪار جي آواز تي سڄي ملڪ کي ڏڪڻي وٺي وڃي ٿي. اهي دشمن ان لاءِ آيا آهن تہ اهو ملڪ ۽ جيڪي منجھس آهي ۽ شهر ۽ جيڪي منجھن رهن ٿا تن سڀني کي ڳهي وڃن.“


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ’ياد رک، اي صور شهر! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ گھڻين ئي قومن کي تو تي چاڙهي آڻيندس، ۽ اهي سمنڊ جي ڇولين وانگر چڙهي تو تي حملو ڪندا.


اهي جبلن جي چوٽين تي ائين گجگوڙ ڪندا، جيئن جنگي گھوڙي گاڏيون کڙڪاٽ ڪنديون آهن، يا جيئن ڪو طاقتور لشڪر جنگ ڪرڻ لاءِ صفون ٻڌي تيار هجي. اهي جھنگ جي انهيءَ باهہ وانگر آهن، جيڪا ڪک ڪانا ساڙي چٽ ڪري ٿي ڇڏي.


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.


ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ۽ خدا جو پيغام ڏيندڙن جو رت وهايو آهي، تن کي تو رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اهي انهيءَ جي ئي لائق آهن.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan