يرمياہ 50:40 - Muslim Sindhi Bible40 جيئن اڳي مون سدوم ۽ عموراہ ۽ ان جي آسپاس وارن شهرن کي اجاڙي نابود ڪري ڇڏيو هو، تيئن بابل ۾ بہ ڪو ماڻهو ڪونہ رهندو. هائو، اتي ڪوبہ آدمزاد اچي نہ رهندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي. Faic an caibideilSindhi Bible40 خداوند ٿو فرمائي تہ جيئن اڳي خدا سدوم ۽ عموراہ ۽ ان جي پاسي وارن شهرن کي اونڌو ڪري ڪيرايو؛ تيئن ڪوبہ ماڻهو اتي نہ رهندو، ۽ نہ ڪو آدمزاد انهي ۾ اچي ٽڪندو. Faic an caibideil |
تنهنڪري، آءٌ قادرمطلق خداوند، بني اسرائيل جو جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پڪ ئي پڪ آءٌ موآب ۽ عمون ملڪن کي سدوم ۽ عموراہ وانگر ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، اتي ڪنڊا ڪانڊيرا اڀري ايندا، ۽ اتان جي زمين ڪلراٺي ۽ کڏون کوٻا ٿي هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندي. پوءِ منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو سندن ملڪن تي قبضو ڪندا.“