Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 50:34 - Muslim Sindhi Bible

34 پر ياد رکو، انهن جو ڇڏائيندڙ تمام زورآور آهي، ۽ اهو آءٌ قادرِمطلق خداوند آهيان. آءٌ انهن جو پوريءَ طرح بچاءُ ڪندس. آءٌ انهن کي سندن وطن ۾ امن وَ سلامتي بخشيندس، پر اوهان بابل وارن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

34 انهن جو ڇڏائيندڙ زور وارو آهي؛ لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي: هو انهن جي پاران پوري طرح حجت دليل ڪندو، تہ زمين کي آرام ڏئي، ۽ بابل جي رهاڪن کي بي آرام ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 50:34
32 Iomraidhean Croise  

تنهن هوندي بہ مون کي يقين آهي تہ هڪڙو آهي جيڪو مون کي سچو قرار ڏيندو، هائو، آخرڪار اهو هن ڌرتيءَ تي منهنجي لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو.


اي خداوند! جيڪي مون سان جھڳڙو ڪن ٿا، تن سان تون جھڳڙو ڪر. هائو، تون انهن سان وڙهہ جيڪي مون سان وڙهن ٿا.


اي خدا! تون منهنجو انصاف ڪر، نافرمانن جي ڀيٽ ۾ تون منهنجي وڪالت ڪر. هائو، ٺڳن ۽ بي‌انصافن کان تون منهنجو بچاءُ ڪر،


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’آءٌ خداوند آهيان. آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس ۽ سندن غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو زورآور هٿ وڌائي هنن کي سخت سزائون ڏيئي اوهان کي هنن کان ڇڏائيندس.


ياد رکو، خداوند سندس طرفداري ڪندو، ۽ جيڪي هن کي ڦُرين ٿا تن جون حياتيون ڦُري وٺندو.


قادرِمطلق خداوند سندن محافظ آهي، هو پاڻ اوهان جي خلاف انهن جي طرفداري ڪندو.


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين جيتوڻيڪ ٿورا ۽ ڪمزور آهيو، تہ بہ اوهين نہ ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو مددگار آهيان. هائو، آءٌ اوهان جو ڇڏائيندڙ ۽ پاڪ معبود آهيان.


خداوند، اوهان جو بچائيندڙ، بني اسرائيل جو پاڪ معبود فرمائي ٿو تہ ”منهنجو واعدو آهي تہ اوهان کي بچائڻ خاطر بابل جي خلاف آءٌ هڪڙو لشڪر موڪليندس. آءٌ شهر جا دروازا ڀڃي ڪيرائيندس، ۽ انهيءَ جي رهاڪن جي خوشيءَ وارن نعرن کي دانهن ڪوڪن ۾ بدلائي ڇڏيندس.


خداوند، بني اسرائيل جو بادشاهہ ۽ سندن بچائيندڙ، قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي اول آهيان ۽ آءٌ ئي آخر آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.


بيشڪ بني اسرائيل جو پاڪ معبود اسان جو ڇڏائيندڙ آهي، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي.


پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”يقيناً آءٌ زورآورن کان سندن قيدي، ۽ ظالمن کان سندن شڪار ڇڏائيندس، ڇاڪاڻ تہ اي يروشلم! جيڪو تو سان وڙهي ٿو، تنهن سان آءٌ وڙهندس ۽ تنهنجي رهاڪن کي بچائيندس.


اوهان جو ڌڻي خداوند، هائو، اوهان جو خدا، جيڪو پنهنجي قوم جو بچاءُ ڪندڙ آهي، سو فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ اوهان جي هٿ مان سخت نشي وارو پيالو، يعني پنهنجي غضب وارو وڏو پيالو وٺي رهيو آهيان. هاڻي اوهين اهو وري نہ پيئندا.


تنهنجو خالق ئي تنهنجو مڙس آهي، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي. هو تنهنجو بچائيندڙ ۽ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهي، اهو ئي سڄيءَ دنيا جو حاڪم آهي.


يعقوب جو خدا، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي، سو انهن جهڙو ناهي، ڇاڪاڻ تہ هو هر شيءِ جو خالق آهي ۽ بني اسرائيل قوم کي هن پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


آءٌ تو کي شريرن جي هٿ کان بچائيندس، هائو، انهن ظالمن جي پڪڙ مان آءٌ تو کي ڇڏائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ انهن جو ٽڙيل پکڙيل اولاد پهريان وانگر گڏ ڪندس، ۽ اهي منهنجي حضور ۾ عبادت ڪندا رهندا. جيڪي انهن کي ستائيندا تن کي آءٌ سزا ڏيندس.


مون خداوند اسرائيل وارن کي آزاد ڪرائي ورتو آهي، هائو، جيڪو کانئن ڏاڍو هو تنهن جي هٿان کين ڇڏايو اٿم.


اهو جنهن سج کي ڏينهن جي روشنيءَ لاءِ ۽ چنڊ ۽ تارن کي رات جي روشنيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي، اهو، جيڪو سمنڊ ۾ هلچل پيدا ٿو ڪري، جنهن سان ان جون ڇوليون گجگوڙ ڪن ٿيون، تنهن جو ئي نالو قادرِمطلق خداوند آهي،


تون هزارين پيڙهين تائين لافاني شفقت ڪندو آهين، پر ابن ڏاڏن جي گناهن جو بدلو انهن کان پوءِ تون سندن اولاد کان وٺندو آهين. تنهنجو نالو عظيم ۽ قادر خدا آهي، تون قادرِمطلق خداوند آهين.


تباهي مچائيندڙ لشڪر موآب جي شهرن تي ڪاهي ايندو، ۽ انهيءَ جي چونڊ جوان مردن کي قتل ڪيو ويندو. آءٌ ئي بادشاهہ آهيان، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي، ۽ هي سڀ آءٌ ئي ٿو چوان.


يعقوب جو خدا، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي سو انهن جهڙو ناهي، ڇاڪاڻ تہ هو هر شيءِ جو خالق آهي ۽ بني اسرائيل قوم کي هن پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


سو خداوند فرمائي ٿو تہ ”هاڻ اي يروشلم وارؤ! آءٌ اوهان جي طرفداري ڪندس ۽ اوهان جو بدلو وٺندس. آءٌ بابل جا چشما سڪائي ڇڏيندس، ۽ ان جا درياءَ خشڪ ڪري ڇڏيندس.


هائو، اي پروردگار! تون مون کي اچي ڇڏاءِ، ۽ منهنجي حياتي بچائي وٺ.


خداوند پاڻ پنهنجي انهن بي‌شمار ڪٽڪن جي اڳواڻي ڪندو، هائو، انهن لشڪرن جي جيڪي سندس حڪمن جي فرمانبرداري ڪن ٿا. بيشڪ خداوند جي عدالت جو ڏينهن ايڏو تہ هيبتناڪ آهي، جو ڪوبہ انهيءَ ڏينهن بيهي نہ سگھندو.


تون ڀلي هڪ ويم واري عورت وانگر تڙپندي لڇندي رڙيون ڪر، ڇاڪاڻ تہ هاڻي تنهنجا رهاڪو تو کي ڇڏي کُليل ميدان ۾ وڃي رهڻ وارا آهن، بلڪ هو بابل ملڪ ڏانهن جلاوطن ٿيڻ وارا آهن. پر تنهن هوندي بہ اتي خداوند اچي انهن کي بچائيندو. هائو، اهو انهن کي سندن دشمنن جي هٿان ڇڏائيندو.


جيئن تہ اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، سو اسين سندس ڪاوڙ سهندا رهنداسين، ايستائين جو هو پاڻ اچي اسان کي بچائي. هائو، نيٺ تہ هو اسان جي حق ۾ فيصلو ڏيندو، ۽ اسان کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻيندو. بيشڪ هن جي ئي هٿان اسين پاڻ کي بچندي ضرور ڏسنداسين.


انهيءَ ڪري مٿس هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هي آفتون اينديون، يعني موت، سوڳ ۽ ڏڪار. اها وسندي باهہ ۾ ساڙي ناس ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ تہ هن جي عدالت ڪرڻ وارو، خداوند خدا نهايت قادر آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan