Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 50:26 - Muslim Sindhi Bible

26 اي بابل جا دشمنؤ! اوهين هر طرف کان اچي بابل تي حملو ڪريو. ان جي اناج جا گدام ڀڃي خالي ڪريو. ملڪ کي ڊاهي ويران دڙا ڪري ڇڏيو. هائو، ان کي لٽي ڦري بلڪل ناس ڪري ڇڏيو، جيئن منجھس ڪابہ شيءِ باقي نہ بچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

26 سڀني پاسن کان اُن تي چڙهي اچو، ان جا انبار خانا کوليو: ان کي اُڇلائي ڍير ڪريو، ۽ ان کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيو، جيئن ان جي ڪابہ شيءِ باقي نہ بچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 50:26
19 Iomraidhean Croise  

جيڪا قوم مون کي رد ٿي ڪري، تنهن تي حملي ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي موڪليان ٿو. هائو، پنهنجي غضب نازل ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي اهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اهي انهيءَ قوم جو مال ملڪيت لٽين ڦرين، بلڪ کين گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏين.“


آءٌ قادرِمطلق خداوند بابل کي فنا جي ٻهاريءَ سان مِٽائي صاف ڪري ڇڏيندس. انهيءَ کي آءٌ ويران ڪري پير ٻوڙ پاڻيءَ ۽ گپ واري زمين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندس، جتي ٻگھہ پيا رهندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


بيشڪ خداوند هن جبل صيئون جي حفاظت ڪندو رهندو. مگر موآب جا ماڻهو پنهنجي جاءِ تي ائين لتاڙي ناس ڪيا ويندا، جيئن سڪل گاهہ لتاڙجي ڇيڻي سان ملي ويندو آهي.


آءٌ تو کي لڪل خزانا، ۽ ڳجھين جاين ۾ پوريل دولت عطا ڪندس. پوءِ تون ڄاڻيندين تہ آءٌ ئي خداوند، بني اسرائيل جو خدا آهيان، جنهن تنهنجو نالو وٺي تو کي سڏيو آهي.


ڏسو، خداوند پري واري هڪڙي قوم کي سڏ ڪيو آهي، هن ڌرتيءَ جي ڇيڙي تائين سينڍ وڄائي کين سڏيو آهي. سو اهي تمام تيزيءَ سان هلندا ٿا اچن.


سو بابل لٽجي ويندو ۽ انهيءَ جا سڀ لٽيندڙ مالا مال ٿي ويندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند جي ڪاوڙ ڪري اُهو وري آباد نہ ٿيندو، بلڪ صفا ويران ٿي ويندو. بابل وٽان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا ۽ ان تي آيل سڀيئي آفتون ڏسي دهلجي ويندا.


مٿن هر طرف کان هڪلون ڪريو، انهن جا ڪوٽ قلعا ڀڃو ۽ ڀتيون ڊاهي پٽ ڪريو، تڏهن هو اچي پيش پوندا. بيشڪ اهو مون خداوند جو بدلو آهي، سو اوهين بہ کانئن بدلو وٺو، ۽ جيئن هنن ٻين سان ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ساڻن ڪريو.


ڏسڻ وارا چوندا تہ ’سڄي دنيا کي ڀڃڻ وارو هٿوڙو ڪيئن نہ پاڻ ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو آهي! ڏسو، بابل ملڪ ڪيئن نہ دنيا ۾ عبرت جي جاءِ بڻجي ويو آهي!‘


ڏسو، ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان هڪڙي وڏي قوم ۽ ڪيترن ئي بادشاهن کي اٿاريو پيو وڃي، يعني اتر واري ملڪ کان هڪ لشڪر اچي ٿو.


آءٌ بابل وارن جي مردوڪ ديوتا کي سزا ڏيندس، ۽ جيڪو بہ مال پنهنجي پوڄارين جي وسيلي لٽي ڦري هو ڳهي ويو هو، سو آءٌ کانئس اوڳاڇرائيندس. اڳتي قومون هن جي پوڄا ڪرڻ ڇڏي ڏينديون. بابل جا ڪوٽ ڪرڻ وارا آهن.


پوءِ هي لفظ چئجانءِ تہ ’بابل بہ ائين ئي ٻڏي ويندو ۽ وري نہ نڪرندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند انهيءَ تي مصيبت آڻڻ وارو آهي.‘“ يرمياہ نبيءَ جو گفتگو هتي پورو ٿيو.


تڏهن اي اسان جا دشمنؤ! اوهين اهو ڏسندا ۽ خوار خراب ٿيندا. هائو، اوهين اسان کي اهو طعنو هڻي چوندا آهيو تہ ”خداوند اوهان جو خدا ڪٿي آهي؟“ سو هاڻ اسين اوهان کي گھٽين جي ڌوڙ ۾ لتاڙبو ڏسنداسين.


پکين تي غور ڪريو جيڪي نہ پوکين، نہ لڻين ۽ نہ اناج ڀانڊن ۾ انبار ڪن، تہ بہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ انهن کي کارائي ٿو. ڇا اوهين انهن کان وڌيڪ قدر نہ ٿا رکو؟


انهيءَ ملائڪ پنهنجو ڏاٽو هلايو ۽ ڌرتيءَ جي انگورن واري ول جا ڇڳا وڍي گڏ ڪري رس ڪڍڻ واري انهيءَ وڏي حوض ۾ اڇلايا، جيڪو خدا جي غضب جو حوض آهي.


هن جي وات مان هڪڙي تکي تلوار ٿي نڪتي، تہ جيئن هو قومن کي ماري. هائو، هو پاڻ لوهہ جي لٺ سان مٿن حڪمراني ڪندو ۽ قادرِمطلق خدا جي خوفناڪ غضب واري حوض ۾ انگورن وانگر کين لتاڙيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan