يرمياہ 50:14 - Muslim Sindhi Bible14 اي تيراندازؤ! اوهين سڀ بابل جي چوڌاري صفون ٻڌي بيهو. مٿس تير وسايو ۽ ڪوبہ تير باقي بچائي نہ رکو، ڇاڪاڻ تہ بابل وارن مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. Faic an caibideilSindhi Bible14 ۽ اوهين جي ڪمانون ڪشيو ٿا، سي سڀ بابل جي آس پاس صفون ٻڌي بيهو؛ اُنهي کي تير هڻو، ڪوبہ تير باقي نہ بچايو: ڇالاءِ جو هن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. Faic an caibideil |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا دشمنؤ! نہ رڳو ماهر تيراندازن، بلڪ هر تيرڪمان ڇڪيندڙ کي بابل سان وڙهڻ لاءِ آڻي گڏ ڪريو. بابل شهر جي چوڌاري گھيرو ڪري ويهو، ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو. جهڙا هنن ڪم ڪيا آهن، تهڙي ئي کين سزا ڏيو، هائو، جيئن پاڻ ڪيو اٿائون، تيئن ئي ساڻن ڪريو. جيئن تہ هن مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود سان سينو ساهيو آهي،
اي سڀني قومن وارؤ! اوهين انهيءَ ملڪ تي حملي لاءِ هڪڙو جھنڊو کڙو ڪريو. پنهنجين قومن منجھہ نفيل وڄائي، انهن کي بابل جي خلاف جنگ لاءِ تيار ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط، مِنِي ۽ اشڪناز جي بادشاهتن جي لشڪرن کي سڏي گڏ ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہسالار مقرر ڪريو. ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان گھوڙن وارا لشڪر مٿس چاڙهي آڻيو.