يرمياہ 50:13 - Muslim Sindhi Bible13 خداوند جي ڪاوڙ ڪري اُهو وري آباد نہ ٿيندو، بلڪ صفا ويران ٿي ويندو. بابل وٽان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا ۽ ان تي آيل سڀيئي آفتون ڏسي دهلجي ويندا. Faic an caibideilSindhi Bible13 خداوند جي ڪاوڙ ڪري اُها نہ وسندي، پر ويران ٿي ويندي: جيڪو بہ هن جي پاسي کان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ اُن جون سڀئي آفتون ڏسي، شوڪارا ڀريندو. Faic an caibideil |
اهو حال انهيءَ خوشين واري شهر جو ٿيندو، جيڪو هاڻي بيفڪر رهي پيو. انهيءَ شهر جا رهاڪو هاڻي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”جيڪي آهي سو اسان جو شهر ئي آهي، اسان جي شهر کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ پر اهو ڪيئن نہ ويران ڪيو ويندو، ۽ جانورن جي جوءِ بڻجي ويندو. جيڪي بہ اتان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت وٺي ويندن.