تارح پنهنجي پٽ ابرام ۽ پنهنجي پوٽي لوط کي، جيڪو حاران جو پٽ هو ۽ پنهنجيءَ نُنهن ابرام جي زال سارائيءَ کي پاڻ سان وٺي ڪسدين جي اُور شهر مان نڪري ڪنعان ملڪ ڏانهن ويو. جڏهن اُهي حاران شهر ۾ آيا، تڏهن اتي رهي پيا.
جڏهن اهو سڀ ڪجھہ ٿيندو تڏهن بابل جي بادشاهہ تي هي ٺٺوليون ڪري چيو ويندو تہ ”ظالم بادشاهہ ڪيئن نہ نيست وَ نابود ٿي ويو آهي! هاڻي هو وري ڪنهن تي بہ ظلم نہ ڪندو.
بابل ملڪ اهڙي تباهيءَ جو هڪڙو مثال آهي، جنهن جي قوم کي اشورين ناس ڪري ڇڏيو ۽ سندن سڄي ملڪ کي جھنگلي جانورن جي جُوءِ بڻائي ڇڏيائون. هنن شهرن تي حملي ڪرڻ لاءِ ٺُلهہ کڙا ڪيا ۽ پوءِ انهن جي محلاتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيائون. ايتري قدر جو بابل ملڪ ويران ٿي ويو.
سموريون قومون هن جي، سندس پٽ جي ۽ سندس پوٽي جي تابعداري ڪنديون، ايستائين جو خود سندس ملڪ جو زوال اچي. پوءِ هن جي قوم ٻين زورآور قومن ۽ وڏن وڏن بادشاهن جي تابعداري ڪندي.
هن جي پٺيان هڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ”ڪِري پيو، اهو وڏو شهر بابل ڪِري پيو، جنهن سڀني قومن کي پنهنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنهن جي ڪري انهيءَ شهر تي خدا جو غضب نازل ٿي رهيو آهي.“