Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 5:5 - Muslim Sindhi Bible

5 سو آءٌ اڳواڻن ڏانهن ويندس، ۽ ساڻن ڳالهائيندس. يقيناً هنن کي خداوند جي رستي ۽ پنهنجي خدا جي تقاضا جي خبر هوندي.“ پر هنن سڀني تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، تان‌تہ تنهنجي فرمانبرداري ڪرڻ کان آجا ٿي وڃن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 آءٌ وڏن ماڻهن وٽ ويندس ۽ انهن سان ڳالهائيندس؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو رستو، ۽ پنهنجي خدا جي عدالت ڄاڻن ٿا، پر انهن ٻڌي ڪري پاڃاري ڀڳي آهي ۽ بند ڦوڙيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 5:5
25 Iomraidhean Croise  

تنهن کان سواءِ هن جي دور ۾ سڄي يهوداہ جي اڳواڻن، ڪاهنن ۽ ٻين ماڻهن غير قومن جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪئي. سو هنن خداوند جو گھر جيڪو خداوند لاءِ يروشلم ۾ مخصوص ڪيو ويو تنهن جي بي‌حرمتي ڪندي انهيءَ کي پليت ڪري ڇڏيو.


هاڻي جڏهن موسيٰ ڏٺو تہ ماڻهو قابوءَ مان نڪري ويا آهن، ڇاڪاڻ تہ هارون هنن کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو هو تہ ڀلي سندن دشمن مٿن ٺٺوليون ڪن،


تنهنجا سردار فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن. انهن مان هر ڪو رشوت جو طالبو آهي، ۽ پئسي جي پٺيان پيو ڊوڙي. اهي يتيمن جو انصاف نہ ٿا ڪن، نڪي رنن‌زالن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿو پهچي.


خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم! گھڻو اڳي مون تنهنجي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏي هئي، ۽ تنهنجا قيد وارا رسا ٽوڙي ڇڏيا هئا. پر تو چيو تہ ’آءٌ خدا جي تابعداري نہ ڪنديس،‘ جڏهن تہ تون بتن جي پوڄا ۾ هر ڪنهن اوچي ٽڪريءَ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڪڃريءَ وانگر ٽنگون ٽيڙيو پيئي آهين.


اي هن پيڙهيءَ وارؤ! مون خداوند جي ڳالهين تي غور ڪريو. ڇا آءٌ سار سنڀال لهندي بہ اوهان بني اسرائيل لاءِ رڻ‌پٽ مثل آهيان؟ ڇا آءٌ رهنمائي ڪندي بہ اوهان لاءِ گھُگھُہ اونداهيءَ واري زمين جيان آهيان؟ تہ پوءِ اي منهنجي قوم! اوهين ائين ڇو ٿا چئو تہ ’اسان کي جيئن وڻندو تيئن ڪنداسين ۽ خداوند جي واٽ تي موٽي نہ اينداسين.‘


اوهان جي سڀني اتحادين اوهان کي وساري ڇڏيو آهي، اهي اوهان جي سار ڪين ٿا لهن. مون اوهان کي اهڙو ڌڪ هنيو آهي، جهڙو ڪو دشمن ڪنهن کي هڻي، ۽ اهڙي سزا ڏني اٿم جهڙي ڪو ظالم ڪنهن کي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جون بدڪاريون تمام گھڻيون آهن، ۽ اوهان جا گناهہ بي‌شمار آهن.


منجھن ننڍو هجي توڙي وڏو سڀني کي دولت ڪمائڻ جو حرص آهي. نبي سڏائيندڙ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ٺڳيءَ جا ڪم ڪن ٿا.


لقلق پکي بہ پنهنجي لاءِ مقرر ڪيل موسم کان باخبر هوندو آهي. ڳيرا، ابابيل ۽ ڪنگ بہ پنهنجي لڏپلاڻ جي مند ڄاڻن ٿا. مگر اوهان منهنجي قوم کي اها خبر ئي ناهي تہ مون خداوند اوهان کي ڪهڙا قاعدا قانون ڏنا آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”هو پنهنجي زبان کي ڪُوڙ ڳالهائڻ لاءِ ائين تيار ٿا رکن، جيئن ڪو تيرڪمان تير وسائڻ لاءِ تيار رکبو آهي. هو سچ جي ذريعي نہ، بلڪ ڪوڙ جي ذريعي ملڪ ۾ زور وٺندا وڃن ٿا. هو گناهن پٺيان گناهہ ڪن ٿا پيا ۽ منهنجي سڃاڻ ڇڏي ڏني اٿائون.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي بدڪاريءَ جون رٿون ٿا رٿين ۽ هن شهر ۾ بڇڙيون صلاحون ٿا ڏين.


ٻڌو، اي سامريہ جون عورتون! اوهين جيڪي بسن جي ڳئن جيان کائي کائي متاريون ٿيون آهيو، هائو، اوهين جيڪي غريبن ۽ مسڪينن تي ظلم ڪري کين چيڀاٽيو ٿيون ڇڏيو، ۽ پنهنجي مڙسن کي چئو ٿيون تہ ”شراب آڻيو تہ اسين پيئون،“ اوهين هي فرمان ٻڌو.


ويل آهي اوهان لاءِ، اي صيئون وارؤ! بلڪ ويل آهي اوهان لاءِ، اي سامريہ جي جبلن تي آرام ۽ اطمينان سان رهڻ وارؤ! هائو، اوهين جي پنهنجي ملڪ اسرائيل جا عظيم اڳواڻ آهيو، ۽ سڄي ملڪ وارا اوهان جا سلامي آهن.


اوهان جا عملدار رشوت وٺي ناانصافيءَ وارو فيصلو ٿا ڪن. اوهان جا ڪاهن پئسن جي لالچ ۾ شريعت جي تعليم ٿا ڏين، ۽ اوهان جا نبي سڏائيندڙ دولت وٺي اڳڪٿيون ٿا ڪن. انهيءَ هوندي بہ اوهين دعويٰ ٿا ڪريو تہ ”خداوند اسان سان گڏ آهي، سو اسان تي ڪا آفت ڪا نہ ايندي.“


بيشڪ ڪاهن جو اهو ئي فرض آهي تہ کيس مون خدا بابت صحيح ڄاڻ هجي، تہ جيئن ماڻهو کانئس شريعت جي تعليم حاصل ڪن، ڇو تہ ڪاهن مون قادرِمطلق خداوند جو پيغام ڏيندڙ آهي.“


عيسيٰ ڏٺو تہ هو ڪيتري قدر نہ غمگين ٿي پيو آهي، تڏهن چيائين تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.


پر سندس وطن جا ماڻهو هن کان بيزار هئا. تنهنڪري هنن سندس پٺيان انهيءَ ملڪ ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا تہ ’اسان جي مرضي نہ آهي تہ هي ماڻهو اسان جي مٿان بادشاهي ڪري.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan