يرمياہ 5:4 - Muslim Sindhi Bible4 تڏهن مون سوچيو تہ ”هو ويچارا نادان آهن. هو نہ ٿا ڄاڻن تہ خداوند جو رستو ڪهڙو آهي، ۽ سندن خدا کانئن ڪهڙي تقاضا ڪري ٿو. Faic an caibideilSindhi Bible4 تڏهن مون چيو تہ يقيناً اهي غريب آهن: هو بي عقل آهن؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو رستو نٿا ڄاڻن، ۽ نہ پنهنجي خدا جي عدالت ٿا ڄاڻن؛ Faic an caibideil |
۽ منهنجي قوم مون بابت ڄاڻ نہ رکڻ ڪري تباهہ وَ برباد ٿي ويندي. جيئن تہ اوهان ڪاهنن مون بابت ڄاڻ ڏيڻ کي ڄاڻيواڻي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي وساري ڇڏيندس، هاڻي اوهين منهنجا ڪاهن نہ رهندا. هائو، جيئن تہ اوهان مون پنهنجي خدا جي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي، سو آءٌ بہ اوهان جي اولاد کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندس.