Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 5:31 - Muslim Sindhi Bible

31 نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشن‌گوئي ڪن ٿا، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا، جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن. پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

31 نبي ڪوڙي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا؛ ۽ منهنجي قوم کي اهو حال پسند آهي: پر نيٺ اوهين ڇا ڪندا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 5:31
37 Iomraidhean Croise  

سو اخي‌اب چار سؤ نبي سڏائيندڙن کي گڏ ڪيو ۽ کانئن پڇيائين تہ ”آءٌ رامات شهر تي ڪاهہ ڪريان يا نہ؟“ هنن وراڻيس تہ ”ڀلي وڃو، ڌڻي توهان کي فتح ڏيندو.“


بدڪار ماڻهو بڇڙائيءَ جي ڳالهين تي ڌيان ٿو ڏئي، ۽ ڪوڙو ماڻهو بدنيتيءَ جي ڳالهين تي توجھہ ٿو ڏئي.


سو اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين پنهنجي سزا واري ڏينهن ڇا ڪندا؟ هائو، جڏهن ڪنهن ڏورانهين ملڪ جو لشڪر اچي اوهان تي ڪڙڪندو، تڏهن اوهين ڪيڏانهن ڀڄي سگھندا؟ اوهين پنهنجو شان وَ شوڪت ڪيئن بچائي رکندا؟


انهيءَ ڏينهن سمنڊ جي ڪناري رهندڙ فلستي چوندا تہ ’ڏسو، جنهن ملڪ کي اسين پنهنجي اميد سمجھي ڏانهس مدد لاءِ ٿي ڊوڙياسين تہ هو اسان کي اشور جي شهنشاهہ کان بچائي، تنهن جو ئي ههڙو حال ٿيو آهي، تہ پوءِ اسين ڪيئن بچي نڪرنداسين؟‘“


صيئون جي يروشلم شهر جا گنهگار ڊپ وچان ڏڪن ٿا. هائو، خدا جا اهي نافرمان خوف وچان ڪنبندي چون ٿا تہ ”خدا جو قهر ڀڙڪندڙ باهہ وانگر آهي، سو اسان مان ڪير اهڙيءَ ساڙيندڙ باهہ ۾ رهي سگھي ٿو؟ اسان مان ڪير انهن ابدي شعلن وٽ گذاري سگھي ٿو؟“


اوهان جي پهرئين ابي ڏاڏي گناهہ ڪيو، ۽ اوهان جي اڳواڻن منهنجي نافرماني ڪئي.


تو سمجھيو تہ تون هميشہ راڻي رهندينءَ. تنهنڪري جيڪي ڪجھہ مون ڪيو، تنهن تي تو ڪو ڌيان نہ ڏنو، ۽ نہ ئي تو انهيءَ تي ڪو غور ڪيو تہ آخر ۾ آءٌ ڇا ڪندس.


هيءَ زمين ڪيستائين سڪي سڙي پيئي هوندي ۽ سڄي ملڪ جي ساوڪ ڪومايل رهندي؟ منجھس رهندڙ بدڪارن جي ڪري پکي ۽ جانور بہ ناس ٿي ويا آهن. اهي بدڪار ائين بہ چون ٿا پيا تہ ”اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو خدا نہ ٿو ڏسي.“


تڏهن خداوند مون کي وراڻي ڏني تہ ”اهي نبي سڏائيندڙ منهنجي نالي تي ڪوڙو پيغام ڏين ٿا. مون انهن کي نڪي موڪليو آهي، نڪي کين ڪو حڪم ڏنو اٿم ۽ نہ وري مون ساڻن ڳالهايو ئي آهي. اهي ماڻهن کي ڪوڙيون رويائون، ڪوڙيون فالون ۽ پنهنجيون ٺڳيءَ سان ٺاهيل ڳالهيون ٿا ٻڌائين.


ڪاهنن، نبي سڏائيندڙن ۽ سڀني ماڻهن مون يرمياہ کي خداوند جي گھر ۾ اهي ڳالهيون ڪندي ٻڌو.


جيتوڻيڪ سندس دامن گناهن جي گندگيءَ سان ڀريل هو، تڏهن بہ هن کي پنهنجي انجام بابت ڪو فڪر ڪونہ هو. پر هاڻ اها وسندي نهايت هيبتناڪ نموني سان هيٺ ڪيرائي ويئي آهي. کيس دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونهي، توڙي جو هوءَ دانهون ڪري چوي ٿي تہ ”اي خداوند! آءٌ مصيبت ۾ آهيان، منهنجي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ دشمن مون تي غالب پئجي ويا آهن.“


تنهنجي نبي سڏائيندڙن تو سان دوکو ڪري ڪوڙيون رويائون ۽ غلط پيغام ٻڌايا. کين تو کي تنبيهہ ڪرڻ گھربي هئي، تہ جيئن تون بدڪارين کان پري رهي ڪري اهڙي خوشحال ۽ صحيح سلامت رهين جهڙي اڳئين زماني ۾ هئينءَ. پر هنن تو کي ڪوڙيون ۽ گمراهہ ڪندڙ ڳالهيون ڪري ٻڌايون.


يروشلم کي اها سزا نبي سڏائيندڙن ۽ ڪاهنن جي بدڪارين جي ڪري ملي، جن بي‌گناهہ ماڻهن جو رت وهرايو هو.


دشمن اسان جي پٺيان لڳا ٿي وتيا، سو اسين گھٽين ۾ بہ گھمي ڦري نہ ٿي سگھياسين. اسان جا ڏينهن اچي پورا ٿيا هئا، هائو، اسان جي پڇاڙي اچي پهتي هئي.


اوهان منهنجي قوم کي ائين چئي گمراهہ ڪيو آهي تہ سڀ ڪجھہ ٺيڪ آهي. جڏهن تہ ڪجھہ بہ ٺيڪ نہ آهي. اهو سڀ ائين آهي جيئن منهنجي قوم ڪچين ڀڳل سرن جي ڀت ٺاهي هجي ۽ اوهان اچي انهيءَ ڀت کي گاري سان ليپو ڏيئي ڇڏيو هجي تہ جيئن اها مضبوط ڏسڻ ۾ اچي، جڏهن تہ اصل ۾ ائين نہ آهي.


سندن رويائون ڪوڙيون آهن ۽ سندن غيبداني ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي. اهي دعويٰ ٿا ڪن تہ اهي مون خداوند جو پيغام ٿا ٻڌائين، جڏهن تہ مون هنن کي موڪليو ئي ڪونهي. پوءِ بہ هو بني اسرائيل کي اهو آسرو ٿا ڏين تہ آءٌ سندن ڳالهہ پوري ڪندس.


جڏهن آءٌ تو کان حساب وٺندس تڏهن ڇا تو ۾ ڪا همت هوندي يا تنهنجي بازن ۾ ڪا طاقت هوندي؟ اهو مون خداوند جو فرمان آهي جيڪو آءٌ پورو ڪري ڏيکاريندس.


سو اوهين بہ اها ئي سزا ڀوڳيندا جيڪا ٻيا ماڻهو ڀوڳيندا، جهڙا اوهان جا افعال آهن، تهڙي ئي آءٌ اوهان کي سزا ڏيندس. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي ڪيل ڪمن جو بدلو ڏيندس.


مون اوهان اسرائيل وارن ۾ هڪڙي ڪراهت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي، يعني اوهان ڏاڍي بت‌پرستي ڪندي پنهنجو پاڻ کي پليت ڪيو آهي.


اوهين خداوند جا مقرر ڪيل عيد جا ڏينهن ملهائي نہ سگھندا. هائو، اوهين اهڙيون پاڪ گڏجاڻيون ڪري نہ سگھندا.


هي ماڻهو اهڙا تہ ڀليل آهن جو انهيءَ ماڻهوءَ کي نبي ڪري قبول ڪندا، جيڪو ساڻن ڪوڙ ڳالهائي ۽ ٺڳي ڪندي کين چوي تہ ”آءٌ اڳڪٿي ڪري چوان ٿو تہ اوهان لاءِ شراب ۽ نشي جون نديون وهنديون.“


اهي امير مون کي ڇينڀيندي چون ٿا تہ ”اسان کي نہ ڊيڄار! هائو، اڳڪٿيون ڪري اهڙيون ڳالهيون نہ ڪر، خداوند اسان کي خوار خراب نہ ڪندو.


اوهان جا عملدار رشوت وٺي ناانصافيءَ وارو فيصلو ٿا ڪن. اوهان جا ڪاهن پئسن جي لالچ ۾ شريعت جي تعليم ٿا ڏين، ۽ اوهان جا نبي سڏائيندڙ دولت وٺي اڳڪٿيون ٿا ڪن. انهيءَ هوندي بہ اوهين دعويٰ ٿا ڪريو تہ ”خداوند اسان سان گڏ آهي، سو اسان تي ڪا آفت ڪا نہ ايندي.“


هن شهر جا نبي سڏائيندڙ غيرذميوار ۽ ڪوڙا آهن. اتان جي ڪاهنن مخصوص شين کي ناپاڪ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ شريعت جي ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي ڇڏيو اٿن.


سو خداوند چيو تہ ’جيئن تہ هي ماڻهو ضدي ۽ بي‌وفا آهن، تنهنڪري آءٌ انهن کان پنهنجو منهن موڙي ڇڏيندس، ۽ ڏسندس تہ سندن ڪهڙو انجام ٿو ٿئي.


ڪاش! تون داناءِ هجين ها تہ اهو سمجھي وڃين ها، ۽ پوءِ پنهنجي انجام تي ڪو غور ڪرين ها.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan