Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 5:29 - Muslim Sindhi Bible

29 انهن ڳالهين جي ڪري آءٌ خداوند کين سزا ڏيندس، آءٌ اهڙيءَ قوم کان بدلو وٺندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

29 خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 5:29
7 Iomraidhean Croise  

اوهين برساتي نهرن مان لسا پٿر کڻي انهن کي معبود بڻائي سندن پوڄا ٿا ڪريو. هائو، انهن لاءِ ئي اوهين اوتڻ واري قرباني ۽ نذرانا پيش ٿا ڪريو. ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ انهن ڳالهين کان آءٌ خوش ٿيندس؟


هائو، آءٌ خود سندن بدڪارين، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو بدلو گڏي ڏيندس. هنن سڀني جبل وارين غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ سندن لاءِ قربانيون پيش ٿي ڪيون، ۽ ٽڪرين تي منهنجي خلاف بڪواس پئي ڪئي. سو آءٌ هنن کي سندن ڪيل ڪمن مطابق سزا ڏيندس.“


انهن ڳالهين جي ڪري ڇا آءٌ اوهان کي سزا نہ ڏيان؟ ڇا آءٌ اوهان جهڙي قوم کان بدلو نہ وٺان؟


قادرِمطلق خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ وڻ وڍي انهن سان شهر جي ڪوٽ تائين دِڪو ٻڌو وڃي. هن شهر کي ضرور سزا ملڻ گھرجي، اهو ظلم سان ڀرجي ويو آهي.


ڇا انهن ڳالهين جي ڪري آءٌ کين سزا نہ ڏيان؟ ڇا آءٌ اهڙيءَ قوم کان بدلو نہ وٺان؟ آءٌ خداوند ائين ٿو چوان.“


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


ڏسو، جن مزدورن اوهان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزدوري جيڪا اوهان ناانصافي ڪري رکي ڇڏي آهي، سا رڙيون ڪري پڪاري پيئي ۽ لاباري ڪرڻ وارن جون دانهون قادرِمطلق خداوند جي ڪنن تائين وڃي پهتيون آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan