Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 5:28 - Muslim Sindhi Bible

28 هو ٿلها متارا ۽ چوکا ٿي پيا آهن. سندن شرارت وارن ڪمن جي تہ حد ئي ڪانهي. هو نڪي يتيمن سان انصاف ڪن ٿا، نہ وري غريبن جي حقن جو تحفظ ڪن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

28 هو ٿلها ٿيا آهن، هو چمڪن ٿا: هائو، هو شرارت جي ڪمن ۾ گوءِ کڻي ويا آهن: هو يتيمن جي طرفان حجت دليل نٿا ڪن تہ هو سکيا ٿين: ۽ هو محتاجن جي حق جو انصاف نٿا ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 5:28
24 Iomraidhean Croise  

جڏهن تہ جيڪي ڦورو آهن، سي پنهنجي گھرن ۾ آرام سان ٿا رهن، ۽ جيڪي خدا کي ڪاوڙائين ٿا سي صحيح سلامت آهن، خدا وري تن کي ئي پنهنجي هٿن جي ڇانوَ ۾ ٿو رکي.


انهن مغرورن جي دلين تي چرٻي چڙهي ويئي آهي، پر مون کي تنهنجي شريعت ۾ ڏاڍي خوشي ملي ٿي.


شل بادشاهہ قوم جي غريبن جو انصاف ڪندو رهي! شل هو محتاجن کي بچائيندو ۽ ظالمن کي چيڀاٽيندو رهي!


ڏسو، اهي بڇڙا آهن. اهي سدائين بي‌فڪرا ٿي ڌن دولت وڌائيندا رهن ٿا.


هن ڪري جو اهي ڪوبہ ڏک ڪين ٿا ڏسن، بلڪ تندرست ۽ مضبوط ٿا رهن.


جيڪي مغرور آهن، تن جا پڪا گھر بہ خداوند برباد ڪريو ڇڏي. مگر جيڪي رنون‌زالون آهن، تن جي ملڪيت جي هو حفاظت ٿو ڪري.


تنهنجا سردار فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن. انهن مان هر ڪو رشوت جو طالبو آهي، ۽ پئسي جي پٺيان پيو ڊوڙي. اهي يتيمن جو انصاف نہ ٿا ڪن، نڪي رنن‌زالن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿو پهچي.


اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ تو سان بحث ڪريان تہ تون ئي سچو ثابت ٿيندين. تنهن هوندي بہ آءٌ تو سان تنهنجي انصاف بابت ڳالهائڻ ٿو گھران تہ بڇڙائي ڪندڙ ڇو خوشحال رهن ٿا؟ سمورا دغابازي ڪندڙ ڇو آرام ۾ ٿا گذارين؟


اي منهنجي قوم! عاشقن کي ڳولي لهڻ ۾ تون ڪيڏي نہ ماهر آهين. بيشڪ بدڪار عورتون بہ تو کان ئي سکيون آهن.


”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين رڳو اهو ڪم ڪريو جيڪو حق سچ ۽ انصاف وارو هجي. جنهن تي ظلم ٿيندو هجي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو. يتيمن، رنن‌زالن ۽ پاڻ وٽ رهندڙ ڌارين سان ظلم ۽ ڏاڍ نہ ڪريو، نہ وري هن شهر ۾ ڪنهن بي‌گناهہ جو رت وهايو.


جيڪڏهن اوهين يتيم ۽ رن‌زال توڙي پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي تي ظلم نہ ڪندا، نڪي هن جاءِ تي بي‌ڏوهين جو رت وهائيندا، ۽ نہ وري غير معبودن جي پوڄا ڪندي پاڻ کي نقصان پهچائيندا،


ٻڌو، اي سامريہ جون عورتون! اوهين جيڪي بسن جي ڳئن جيان کائي کائي متاريون ٿيون آهيو، هائو، اوهين جيڪي غريبن ۽ مسڪينن تي ظلم ڪري کين چيڀاٽيو ٿيون ڇڏيو، ۽ پنهنجي مڙسن کي چئو ٿيون تہ ”شراب آڻيو تہ اسين پيئون،“ اوهين هي فرمان ٻڌو.


اوهين رن‌زال، يتيم ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارئي، يعني جيڪو بہ مسڪين هجي، تنهن تي ظلم نہ ڪريو، نڪي دل ۾ هڪٻئي خلاف برائي سوچو.‘


مون تہ ايتري قدر بہ ٻڌو آهي تہ اوهان ۾ زناڪاري ٿي رهي آهي ۽ زناڪاري بہ اهڙي جيڪا غير قومن ۾ بہ ڪانهي، بلڪ اوهان مان تہ هڪڙو پنهنجي ماٽيلي ماءُ پاڻ وٽ ويهاريو ويٺو آهي.


پر خدا جا اهي پيارا جڏهن کائي پئي ٿلها متارا ٿيا، تڏهن سندن پيٽ ڀرجي ويو ۽ اهي لتون هڻڻ لڳا. پوءِ جنهن خدا کين جوڙيو هو تنهن کي ڇڏي ڏنائون، ۽ پنهنجي انهيءَ طاقتور ڇڏائيندڙ کي حقير ڄاتائون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan