Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 5:22 - Muslim Sindhi Bible

22 اوهين مون خداوند کان ڇو نہ ٿا ڊڄو؟ اوهين منهنجي سامهون ڇو نہ ٿا ڏڪو؟ مون سمنڊ کي واريءَ جو ڪنارو ڏنو آهي. اهو اهڙو تہ مستقل ڪنارو آهي، جنهن کان هو ٽپي نہ ٿو سگھي. ان جون ڇوليون ڀل اٿلون کائين، پر اُهي ڪناري کان ٽپي نہ ٿيون سگھن، اُهي ڀل تہ گجگوڙون ڪن پر ان کي اورانگھي نہ ٿيون سگھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون کان نٿا ڊڄو ڇا؟ اوهين منهنجي حضور ۾ ڪين ڏڪندا ڇا، مون کان، جنهن سمنڊ جي حد لاءِ واري اهڙي مدامي حڪم سان قائم ڪئي آهي جو اهو انهي کان لنگهي نٿو سگهي، ۽ جيتوڻيڪ ان جون لهرون زور سان اُڇلجن ٿيون، تہ بہ اهي غالب پئي نہ ٿيون سگهن، ۽ جيتوڻيڪ اُهي شور ٿيون ڪن، تہ بہ اُهي لنگهي نہ ٿيون سگهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 5:22
29 Iomraidhean Croise  

پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”آسمان جي هيٺان جيڪو پاڻي آهي سو سڀ هڪڙي هنڌ گڏ ٿئي تہ جيئن خشڪي ظاهر ٿئي.“ سو ائين ئي ٿيو.


تڏهن هو روانو ٿيو ۽ ڏٺائين تہ انهيءَ ماڻهوءَ جو لاش رستي تي پيو آهي ۽ گڏهہ ۽ شينهن لاش جي ڀرسان بيٺا آهن. شينهن نڪي لاش کي کاڌو آهي ۽ نہ وري گڏهہ کي ئي ڦاڙيو اٿائين.


هن ڌرتيءَ جي چوڌاري سمنڊن جي ٻاهران مٿن گولائي ڪڍي روشنيءَ ۽ اونداهيءَ جي حد مقرر ڪئي آهي.


تنهنڪري اسين انسان سندس خوف ٿا رکون، پر جيڪي ماڻهو پاڻ کي وڏو عقلمند ٿا سمجھن، تن جو هو ڪو لحاظ نہ ٿو ڪري.“


ڪنهن سمنڊ کي ٻنجو ڏيئي بند ڪيو، جڏهن اهو اونهاين کان ڌرتيءَ تي اٿلي پيو هو؟


تو پاڻيءَ لاءِ حد مقرر ڪئي آهي جيئن ان کان اڳتي نہ وڌي، تان‌تہ اهو ڌرتيءَ کي وري ڍڪي نہ ڇڏي.


اي خداوند! تنهنجي خوف کان منهنجا لڱ ڪانڊارجن ٿا، آءٌ تنهنجي فيصلن کان ڊڄندو رهان ٿو.


هو سمنڊ جي پاڻيءَ کي پنهنجيءَ مٺ ۾ بند رکي ٿو، هائو، هو وڏن وڏن بحرن کي سندن مقرر جاءِ ۾ بند رکي ٿو.


توڙي سمنڊ جو پاڻي گجگوڙ ڪري ۽ ڇوليون هڻي، ۽ انهن جي ٽڪرائجڻ سان جبل لڏي وڃن.


خداوند بادشاهہ آهي. هو پردار آسماني مخلوق تي تخت‌نشين آهي، سو سڀيئي قومون ڏڪن ٿيون، هائو، ڌرتيءَ کي ڪنبڻي آهي.


جڏهن هن سمنڊ جون حدون ٿي مقرر ڪيون، تان‌تہ پاڻي ڪنارن کان ٻاهر نہ وڃي، تڏهن آءٌ اتي ئي هئس. هائو، جڏهن هن ڌرتيءَ جي بنياد رکڻ لاءِ نشان ٿي ڪڍيو،


جڏهن آءٌ يروشلم ۾ آيس، تڏهن ڇو اتي ڪوبہ ڪونہ هو؟ جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن ڇا جي ڪري ڪوبہ جواب ڏيڻ وارو ڪونہ مليو؟ ڇا آءٌ ايترو ڪمزور ٿي ويو آهيان، جو اوهان کي جلاوطنيءَ کان بچائي نہ سگھيس؟ ياد رکو، آءٌ تہ هڪڙي ئي حڪم سان سمنڊ کي بہ سڪائي ٿو سگھان، ۽ ندين کي رڻ‌پٽ ۾ تبديل ڪري ٿو سگھان. ايتري قدر جو پاڻي نہ ملڻ ڪري ان ۾ موجود مڇي ڳري سڙي وڃي ۽ بدبوءِ ڪري.


هائو، اهي ائين ڏڪڻ لڳن، جيئن سڪل ڪاٺين واري باهہ مٿان پاڻي ٽهڪندو آهي. اچ ۽ پنهنجي دشمنن کي اچي پنهنجي قدرت ڏيکار، تہ اهي تو کي ڄاڻي وٺن. هائو، پاڻ اچ ۽ قومن کي اچي ڏهڪاءِ.


جيڪي خداوند کان ڊڄندي سندس تابعداري ٿا ڪن، تن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن تہ اوهين مون سان وفادار آهيو، تنهنڪري اوهان جا ڪي پنهنجا ماڻهو اوهان کان نفرت ٿا ڪن، ۽ اوهان کي برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. اهي اوهان تي ٺٺوليون ڪندي چون ٿا تہ ’ڀلي تہ خداوند پنهنجي قدرت ڏيکاري اوهان کي بچائي. اسين بہ ڏسون تہ هو ڪيئن ٿو اوهان کي خوشي ڏئي.‘ بيشڪ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا سخت خوار خراب ٿيندا.


اي قومن جا بادشاهہ! ڪير نہ تنهنجو خوف رکندو؟ ڇو تہ رڳو تون ئي انهيءَ لائق آهين. قومن جي سڀني دانائن ۾، ۽ انهن جي سڀني بادشاهتن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


ٻڌ، آءٌ خداوند قادرِمطلق خدا تو کي کولي ٿو ٻڌايان تہ تنهنجي اها بڇڙائي ئي تو کي سزا ڏيندي، تنهنجي اها سرڪشي تو کي ملامت ڪندي. سو تو کي خبر پئجي ويندي تہ مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي تو ڪيڏي نہ خراب ۽ غلط ڳالهہ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تو کي منهنجو ڪو ڊپ ئي نہ رهيو آهي.“


اهو جنهن سج کي ڏينهن جي روشنيءَ لاءِ ۽ چنڊ ۽ تارن کي رات جي روشنيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي، اهو، جيڪو سمنڊ ۾ هلچل پيدا ٿو ڪري، جنهن سان ان جون ڇوليون گجگوڙ ڪن ٿيون، تنهن جو ئي نالو قادرِمطلق خداوند آهي،


آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي سلطنت جي هر حصي ۾ ماڻهو دانيال جي خدا جي حضور ڊڄن ۽ سندس تعظيم ڪن. هو ئي زندہ ۽ ابد تائين قائم وَ دائم رهندڙ خدا آهي. هن جي بادشاهت اهڙي آهي، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، هائو، سندس بادشاهي پيڙهي بہ پيڙهي هلندي رهندي.


تنهنڪري اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان کي انهيءَ کان بہ وڌيڪ سزا ڏيندس. سو اوهين منهنجي فيصلي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو.


اهو ئي آهي جنهن جو محلات عرش عظيم ۾ آهي. هن ئي ڌرتيءَ جي مٿان آسمان کي گنبذ بڻايو آهي. هو ئي سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي روءِزمين تي اُٽلائي ٿو. انهيءَ جو نالو خداوند ئي آهي.


اهو ڏسي جهاز وارن کي خداوند جو ڏاڍو ڊپ ٿيو. هنن خداوند آڏو جانور قربان ڪيو ۽ نذرانا ڏيڻ جو واعدو ڪيو.


هن جي حڪم سان سڀ درياءَ سڪي ٿا وڃن، بلڪ سمنڊ بہ خشڪ ٿي وڃن ٿا. بسن علائقو ۽ ڪرمل جبل مرجھائجي وڃن ٿا، ۽ لبنان جا گل ڪومائجي ٿا وڃن.


ماڻهن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. ان جي بدران خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنهي يعني جسم ۽ روح کي ماري دوزخ ۾ وجھي سگھي ٿو.


تنهن تي عيسيٰ اٿيو ۽ واءُ کي ڇينڀيائين ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي حڪم ڪيائين تہ ”ماٺيون ٿيو.“ تڏهن طوفان بيهجي ويو ۽ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.


پر آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا کان ڊڄو، جيڪو مارڻ کان پوءِ دوزخ ۾ وجھڻ جي اختياري بہ رکي ٿو. سو بس، رڳو انهيءَ کان ئي ڊڄندا رهو.


جيڪڏهن اوهان هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي، جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، خبرداريءَ سان عمل نہ ڪندا ۽ انهيءَ جلالي ۽ هيبتناڪ نالي يعني خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندا نہ رهندا،


اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنهنجي نالي جي تعظيم ڪير نہ ڪندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پاڪ آهين. سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan