Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 5:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جيتوڻيڪ اوهين مون جيئري خدا جو قسم کڻندا آهيو، تہ بہ اوهان جو اهو قسم بلڪل ڪوڙو هوندو آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ جيتوڻيڪ هو چون ٿا تہ جيئري خدا جو قسم آهي؛ تہ بہ پڪ هو ڪوڙو قسم ٿا کڻن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 5:2
15 Iomraidhean Croise  

اي اوهين! جيڪي بني اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي قبيلي مان آهيو. اوهين فخر ڪندي چئو ٿا تہ ”اسين پاڪ شهر يروشلم جا رهاڪو آهيون، ۽ بني اسرائيل جي خدا، قادرِمطلق خداوند تي ڀروسو ٿا رکون.“ هاڻ جيتوڻيڪ اوهين خداوند جي نالي جو قسم کڻو ٿا، ۽ بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ جي دعويٰ ٿا ڪريو، تہ بہ ڏسو، اوهين رياڪار آهيو ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهايو. اي يعقوب جا گھراڻؤ! ٻڌو.


۽ حق سچ، عدالت ۽ سچائيءَ ۾ مون جيئري خداوند جو قسم کڻندءُ، تہ پوءِ سڀ قومون منهنجي نالي جي ڪري برڪت حاصل ڪنديون ۽ مون تي فخر ڪنديون.“


پر اي مصر ۾ رهندڙ سڀ يهوداہ وارؤ! مون خداوند جو هي فرمان ٻڌي ڇڏيو. آءٌ پنهنجي عظيم نالي جو قسم کڻي چوان ٿو تہ مصر جي سڄي ملڪ ۾ اوهان جو ڪوبہ ماڻهو پنهنجي واتان اڳتي وري منهنجو نالو وٺي هيئن نہ چوندو تہ ”خداوند جيئري خدا جو قسم آهي.“


اوهين چوري، خون ۽ زنا ٿا ڪريو. اوهين ڪوڙا قسم ٿا کڻو، بعل ديوتا آڏو قربانيون پيش ڪريو ٿا ۽ انهن ڪوڙن معبودن جي پوڄا ٿا ڪريو، جن کان اوهين اڳي واقف بہ نہ هئا.


ڪاش! بيابان ۾ منهنجي لاءِ ڪو مسافرخانو هجي ها، تہ جيئن آءٌ پنهنجي قوم کي ڇڏي کانئن پري وڃي اتي رهان ها، ڇاڪاڻ تہ اُهي سڀ خدا سان بي‌وفائي ڪندڙ ۽ دغابازن جو ٽولو آهن.


اسان جا اهي بادشاهہ اجايون ڳالهيون ڪندا هئا، عهد اقرار ڪرڻ وقت ڪوڙا قسم کڻندا هئا، ۽ سندن عدالتون غلط فيصلا ڏينديون هيون. اهي فيصلا اسان لاءِ ائين ٿيندا رهيا، جيئن زمين مان نڪرندڙ زهريلا ٻوٽا.“


اي يهوداہ وارؤ! اسرائيل وارا مون خدا سان بي‌وفائي ٿا ڪن، پر ائين نہ ٿئي جو انهن جي بي‌وفائيءَ جي ڪري اوهين يهوداہ وارا بہ گنهگار ٿيو. اوهين پوڄا لاءِ اسرائيل جي شهرن جِلجال توڙي بيت‌ايل ڏانهن نہ وڃو، ۽ نہ وري اتي ڪڏهن مون جيئري خدا جو قسم کڻو.


اوهين منهنجو نالو وٺي ڪوڙو قسم نہ کڻجو. ائين ڪري مون پنهنجي خدا جي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.


آءٌ انهن کي بہ فنا ڪري ڇڏيندس، جيڪي گھرن جي ڇتين تي آسماني ستارن ۽ سيارن کي سجدا ٿا ڪن، ۽ انهن کي بہ جيڪي مون خداوند کي سجدو تہ ڪن ٿا، ۽ منهنجي تابعداريءَ جي دعويٰ ڪن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ هو مولڪ ديوتا جو بہ قسم کڻن ٿا.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


اها زناڪارن ۽ لونڊي‌بازن لاءِ، ماڻهن کي اغوا ڪري وڪڻندڙن لاءِ، ڪوڙ ڳالهائڻ توڙي ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آهي. انهيءَ کان سواءِ صحيح تعليم جي برخلاف جيڪي بہ ڪم ڪيا وڃن ٿا، تن کان پري رهڻ لاءِ پڻ آهي.


اهي دينداريءَ جو ظاهري نمونو تہ رکندا، پر انهيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اهڙن ماڻهن کان پاسو ڪجانءِ.


اهي خدا کي ڄاڻڻ جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن عمل انهيءَ جي ابتڙ آهن. اهي نفرت جوڳا، نافرمان ۽ ڪنهن نيڪ ڪم ڪرڻ جي لائق نہ آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan