يرمياہ 5:18 - Muslim Sindhi Bible18 خداوند ٿو فرمائي تہ ”انهيءَ هوندي بہ انهن ڏينهن ۾ آءٌ پنهنجي قوم کي پوريءَ طرح ناس نہ ڪندس. Faic an caibideilSindhi Bible18 پر خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڏينهن ۾ بہ آءٌ اوهان کي اصل تباهہ ڪري نہ ڇڏيندس. Faic an caibideil |
هو اوهان جي فصلن ۽ کاڌ خوراڪ کي ڳڙڪائي ويندا ۽ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. نہ رڳو ايترو پر هو اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڪهي ڇڏيندا ۽ اوهان جا انگورن جا باغ ۽ انجير جا وڻ پڻ ناس ڪري ڇڏيندا. اوهان جا ڪوٽن وارا شهر جن تي اوهين ڀاڙيون ويٺا آهيو، تن تي هو ڪاهہ ڪري انهن کي برباد ڪري ڇڏيندا.“