Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 49:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جڏهن ڪنهن باغ ۾ انگور چونڊيندڙ ايندا آهن، تڏهن هو ڪي ٿورا داڻا ول ۾ ڇڏي ويندا آهن. جڏهن رات جو چور ايندا آهن، تڏهن اهي رڳو پنهنجيون وڻندڙ شيون ئي چورائي کڻي ويندا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 جيڪڏهن ڊاک چونڊڻ وارا تو وٽ اچن، تہ جيڪر ڪي ڊاک جا داڻا ڇڏي نہ وڃن ڇا؟ جيڪڏهن چور رات جو اچن تہ جيڪر ايستائين ڦرلٽ نہ ڪن ڇا جيستائين ڪ کين ڪافي هٿ اچي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 49:9
4 Iomraidhean Croise  

پر جيڪڏهن ان ۾ ڪي ماڻهو بچي بہ ويا تہ اهي ايترا تہ ٿورا هوندا، جيئن ڪنهن ڌوڻو ڏنل زيتون جي وڻ ۾ ڪي ٿورا زيتون وڃي بچندا آهن، ٻہ ٽي داڻا مٿاهين ٽارين ۾، ۽ هيٺاهين ڦلدار ٽارين ۾ رڳو چار پنج داڻا بس. اهو مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.“


قادرِمطلق خداوند مون کي فرمايو تہ ”اسرائيل ملڪ جي باقي بچيلن کي انگورن جي داڻن وانگر چونڊي پٽيو ويندو. سو تون پنهنجو هٿ وڌائي جيترن کي بچائي سگھين بچاءِ.“


جڏهن اوهين پنهنجيءَ زمين جو فصل لڻو، تڏهن ٻنيءَ جون سموريون ڪنڊون ڪُڙڇون نہ لڻجو، نڪي لاباري وقت رهجي ويل ڪو سنگ ميڙي گڏ ڪجو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan