Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 49:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ادوم بابت قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڇا ادوم ملڪ جي رهاڪن مان ڏاهپ نڪري ويئي آهي؟ ڇا سندن ڏاهن مان صلاح مصلحت ختم ٿي ويئي آهي؟ ڇا منجھن ڏاهپ اصل رهي ئي ڪونهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ادوم بابت: لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ: تيمان ۾ ڏاهپ ڪانہ رهي آهي ڇا؟ سياڻن منجهان صلاح مصلحت نڪري ويئي آهي ڇا؟ انهن جي ڏاهپ گم ٿي ويئي آهي ڇا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 49:7
39 Iomraidhean Croise  

تنهنڪري يعقوب کي چيائين تہ ”آءٌ ساڻو ٿي پيو آهيان سو انهيءَ ڳاڙهي ٻوڙ مان مون کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏي.“ اهو ئي سبب آهي جو عيسوءَ تي ادوم نالو پئجي ويو.


پوءِ عيسو يعقوب کان نفرت ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ سندس پيءُ هن کي دعا ڏني هئي. هن دل ۾ سوچيو تہ ”منهنجي پيءُ جي مرڻ جو وقت ويجھو آهي، تنهن کان پوءِ آءٌ پنهنجي ڀاءُ يعقوب کي قتل ڪندس.“


يعقوب پاڻ کان اڳ ۾ پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ ڏانهن سعير علائقي يعني ادوم ملڪ ۾ قاصد موڪليا.


اليفز جا پٽ هي آهن: تيمان، اومار، صفو، جعتام ۽ قنز.


عيسوءَ جي اولاد مان هي قبيلا ٿيا. عيسوءَ جي وڏي پٽ اليفز جا پٽ جن جي نالن جي پٺيان ادوم جي ملڪ ۾ پوءِ قبيلا ٿيا، سي هي آهن: تيمان، اومار، صفو، قنز،


يوباب جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي تيمانين جي علائقي واري حُشام بادشاهي ڪئي.


انهيءَ ڪري عيسو، جنهن کي ادوم بہ سڏجي ٿو سو وڃي سعير جي جابلو علائقي ۾ رهڻ لڳو.


قنز، تيمان، مبصار،


هاڻي جڏهن ايوب جي ٽن دوستن، اليفز تيماني، بلدد سوخي ۽ ضوفر نعماتيءَ مٿس آيل انهيءَ سڄيءَ مصيبت جو احوال ٻڌو، تڏهن پنهنجي پنهنجي شهر کان اچي گڏ ٿيا ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ هلي ايوب سان ڏک ونڊين ۽ کيس تسلي ڏين.


تڏهن اليفز تيمانيءَ ايوب کي ورندي ڏيئي چيو تہ


اي خداوند! بني ادوم خلاف يروشلم جي تباهيءَ واري ڏينهن کي ياد ڪر، جڏهن هنن بابلي لشڪر کي چيو ٿي تہ ”انهيءَ کي ڊاهيو، بلڪ ان جون پاڙون ئي پٽي ڪڍو.“


هي پيغام سنسان رات بابت آهي. ادوم جي جابلو علائقي مان ڪنهن مون کي پڪاري چيو تہ ”اي پهريدار! رات ڪڏهن پوري ٿيندي؟ ٻڌاءِ تہ رات ڪڏهن ختم ٿيندي؟“


تنهنڪري ڏسو، آءٌ هن قوم ۾ هڪڙو عجيب ڪم ڪندس، بلڪل عجيب ۽ حيرت جهڙو ڪم. ان وقت انهن جي ڏاهن ماڻهن جي ڏاهپ چٽ ٿي ويندي، ۽ سندن عقلمندن جو عقل خطا ٿي ويندو.“


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”ڏس، آس‌پاس جي بڇڙن غير قوم وارن ان ملڪ کي نقصان رسايو آهي، جيڪو مون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي ميراث ڪري ڏنو هو. سو آءٌ انهن سڀني کي سندن ملڪن مان وڻ وانگر پاڙان پٽي ڪڍندس ۽ يهوداہ وارن کي کانئن بچائي وٺندس.


تڏهن ماڻهن چيو تہ ”اچو تہ يرمياہ جي خلاف ڪي منصوبا جوڙيون، ڇاڪاڻ تہ هن جي نہ هجڻ سان اسان جي ڪاهنن وٽان خدا جي شريعت هلي ڪين ويندي، نڪي اسان جي ڏاهن وٽان صلاح مصلحت ۽ نبين وٽان خداوند جو فرمان ختم ٿي ويندو. تنهنڪري اچو تہ سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪو ڏوهہ ڏيئي کيس ڦاسايون.“


ادوم ۽ موآب ملڪن جا ماڻهو، بني عمون،


ددان، تيما ۽ بُوز شهر ۾ توڙي ٻين هنڌن تي رهڻ وارا اهي ماڻهو جيڪي لوندڙيون ڪوڙائي ٻُچي ڏاڙهي رکن ٿا،


سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


تنهنڪري خداوند تيمان شهر ۾ رهڻ وارن بلڪ ادوم ملڪ جي سڀني رهاڪن خلاف جيڪي رٿيو آهي سو ٻڌو. اوهان جا ٻارڙا اوهان مان ائين ڇڪي ڪڍيا ويندا جيئن ڪنهن ڌڻ مان رڍن جا ٻچا گهلي ڪڍبا آهن. يقيناً ائين ئي ٿيندو، جنهن کي ڏسي اوهان مان هر ڪنهن کي دهشت وٺي ويندي.


سو داناءَ شرمندا ڪيا ويندا. اهي نراس ڪيا ويندا ۽ پنهنجي دام ۾ پاڻ ڦاسندا. جيئن تہ هنن مون خداوند جي فرمان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، تہ پوءِ وٽن ڪهڙي دانائي باقي بچي آهي؟


ڀلي کِلو، اي پيارا ادوم وارؤ! هائو، عُوض جا رهاڪؤ! اوهين ڀلي خوش ٿيو. پر اوهان تي بہ مصيبت جو وقت اچڻ وارو آهي. اوهين بہ سزا جو اهو پيالو پي مدهوش ٿي ويندا، ۽ اگھاڙا ڪيا ويندا.


ادوم جا بادشاهہ ۽ امير بہ ٻين قتل ٿيلن وانگر اتي پاتال ۾ وڌا ويندا. اهي طاقتور هئڻ جي باوجود جنگ ۾ ماريا ويندا ۽ ٻين اڻ‌طهريلن سان گڏ هوندا.


هو بني اسرائيل جي شانائتي ملڪ ۾ بہ گھڙندو ۽ لکين ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيندو. پر اوڀر طرف ڀر وارا ادوم ۽ موآب جا ماڻهو توڙي بني عمون جا مکيہ ماڻهو سندس هٿان بچي نڪرندا.


مصرين ۽ ادومين يهوداہ ملڪ تي حملو ڪري بي‌گناهہ ماڻهن جو خون وهايو آهي. سو آءٌ يهوداہ وارن جي خون جو بدلو وٺي مصر ۽ ادوم ملڪن کي ويران ۽ اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيندس. هائو، آءٌ ڪڏهن بہ درگزر نہ ڪندس. پر يروشلم پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو، بلڪ سڄو يهوداہ ملڪ هميشہ آباد رهندو، ۽ آءٌ خداوند ساڻن گڏ صيئون جبل تي رهندس.“


خدا ادوم ملڪ جي پاسي کان اچي ٿو، اها پاڪ هستي فاران جبلن تان اچي ٿي. هن جو جلوو آسمانن کي ڍڪي ٿو ۽ ڌرتي هن جي واکاڻ سان ڀرجي وڃي ٿي.


پر اوهين پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ادوميءَ کان نفرت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جو عزيز آهي. اوهين پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن مصريءَ کان بہ نفرت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سندس ملڪ ۾ ڌاريا ٿي رهيا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan